مٺي(رپورٽر ) مٺي ۾ عوامي تحريڪ ٿرپارڪر پاران مرڪزي صدر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ، سنڌو درياهه تي ڇهن نون ڪئنالن ۽ ڪارونجهر جي ڪٽائي خلاف باءِ پاس روڊ  ڪنڊي اسٽاپ کان ڪشمير چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، احتجاجي ريلي ۾ سوين ڪارڪنن ۽ شھرين سميت عورتن جي به وڏي انگ شرڪت ڪئي، ڪارونجهر جي ڪٽائي بند ڪريو، ڪئنال ٺاهڻ سنڌ سڪائڻ بند ڪريو، ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبا ختم ڪريو، زمينن تي قبضا ڪرڻ بند ڪريو، جي سخت نعربازي ڪئي وئي، ريلي جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو،  مرڪزي اڳواڻ لال جروار، عبدالقادر رانٽو، اوڀايو جوڻيجو، ديال صحرائي، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ افشين ميمڻ، زاهده لاشاري، اي بي چارو ۽ ٻين ڪئي، ان موقعي تي  عوامي تحريڪ جي اڳواڻن  خطاب ڪندي چيو ته ارسا کي سنڌ سڪائڻ جو ڪو اختيار ڪونهي، چولستان رٿا لاءِ پاڻي جي دستيابي جو سرٽيفڪيٽ ڏئي ارسا ملڪي آئين جي لتاڙ ڪئي آهي، هڪ طرف سنڌو درياهه تي غيرقانوني ڪئنال اڏي سنڌ کي بنجر بنايو پيو وڃي ته ٻئي طرف ڪارونجهر سميت سنڌ جا تاريخي ۽ ثقافتي ماڳ ڪمپني حوالي ڪيا پيا وڃن، 26هين آئيني ترميم کانپوءِ ملڪ ۾ بدترين آمريت نافذ آهي، هن وقت ملڪ ۾ جمهوريت جي نالي ۾ بدترين آمريتي راڄ قائم آهي، جهموريت جا راڳ آلاپيندڙ حڪومت قومن جا سڀ وسيلا ۽ زمينو ن کسي رهي آهي، عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو ته پنجاب سنڌ جي حصي مان ڪئنال پيو ٺاهي، اهو ناٽڪ بند ٿيڻ گهرجي، ستلج ندي هنن 1960ع ۾ ئي ڀارت کي وڪرو ڪري ڏني هئي،