مٺي/ڏيپلو (نمائندن وٽان) ٿرپارڪر ضلعي جي اپوزيشن جماعتن پاران ٿر ۾ وڌندڙ بدامني، منشيات فروشي ۽ لاقانونيت خلاف 4 فيبروري تي مٺي ارباب ھائوس تي رکيل آل پارٽيز ڪانفرنس کانپوءِ گذريل ڏينهن GDA ھائوس مٺي تي سڀني سياسي مذھبي ۽ بار ايسوسيئيشن جي اڳواڻن جي گڏجاڻي ٿي گذري، جنھن ۾ اھم فيصلا ڪيا ويا، آل پارٽيز ايڪشن ڪميٽي تشڪيل ڏني وئي، سڀني اڳواڻن جي حتمي مشاورت کانپوءِ اڳوڻي ضلعي ناظم ٿرپارڪر ارباب انور جبار کي آل پارٽيز ايڪشن ڪميٽي ضلع ٿرپارڪر جو ڪنوينر چونڊيو ويو، اجلاس کي خطاب ڪندي ارباب انور جبار چيو ته ضلعي ۾ منشيات ۽ چوري سري عام ھلي رھي آھي جنھن خلاف پوري ٿرپارڪر ضلعي ۾ ڀرپور تحريڪ ھلائڻ جو اعلان ڪيون ٿا، تحريڪ جو آغاز ارڙھين فيبروري تي ڏيپلو شھر کان ڪري رھيا آھيون، جنھن کانپوءِ ضلع جي سڀني تعلقن ۾ احتجاجي مظاھرا ۽ ريليون ڪڍيون وينديون، ٿر ۾ وڌندڙ  منشيات ۽ چورين جي خاتمي تائين اھا  تحريڪ جاري رھندي، ارباب انور جبار اجلاس ۾ ڳالھائيندي چيو ته منشيات ھڪ سماجي برائي آھي، جنھن سبب ٿر ۾ خودڪشين جي واقعن ۾ اضافو ٿيو آھي، ۽ انسانيت سوز واقعا پيش آيا آھن، سياست کان ھٽي ڪري اسانجي  سماجي ۽ اخلاقي زميواري آھي ته اسان ھن وڌنڌڙ برائي خلاف آواز اٿاريون ۽ پنھجي نسلن کي ھن تباھي ۽ بربادي کان بچايون، اجلاس ۾ شريڪ جي ڊي اي، پي ٽي آءِ، جماعت اسلامي، جي يو آءِ، قومي عوامي تحريڪ، ايس ٽي پي، ٿرپارڪر بار ايسوسيئشن ،ٿر سٽيزن فورم ايس يو پي، ٿر سجاگ سٿ  جي اڳواڻن دلاور خان مالڪاڻي،  اوڀايو جوڻيجو، ياسين لطيف مغل، وڪيل شاھنواز ھنڱورجو، وڪيل قربان علي سميجو، عمران باغي، فقير ارشاد ڪنڀار، شنڪر باغي، شاھد رند ۽ ٻين اجلاس ۾ ڳالھائيندي چيو ته ٿرپارڪر ضلعي ۾ وڌندڙ منشيات فروشي، چورين بدامني ۽ لاقانونيت جي زميوار ضلعي انتظاميا آھي، ٿر ۾ پوليس جي نگراني ۾ منشيات وڪرو ٿي رھي آھي، منشيات ٿر جي نئين نسل کي تباهه ڪري ڇڏيو آھي پر انتظاميه خاموش تماشائي بڻيل آھي، اسان ٿرپارڪر جي نئين نسل کي منشيات فروشن جي رحم ڪرم تي نه ڇڏينداسين، اسان ٿر جي عوام جو آواز اعليٰ ايوانن ۽ انتظاميا تائين پھچائي کين سجاگ ڪنداسين، ھن تحريڪ کي پوري ضلعي ۾ ھلائينداسين، جنھن جو آغاز ڏيپلو کان ڪيو ويندو ۽ ضلعي جي سڀني تعلقن ۾ تحريڪ ھلائڻ کانپوءِ ضلعي جي  ھيڊ ڪوارٽر مٺي ۾ وڏو احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويندو ۽  منشيات ۽ چورين خلاف ھر فورم تي آواز اٿاريو ويندو