مٺي(رپورٽر ) مٺي ۾ تعليم کاتي ۽ ٿر ايجوڪيشن الائينس جي ميزباني هيٺ ميرپورخاص ريجنل اسٽيم فيسٽيول ڪوٺائي مختلف ضلعن جي 54 اسڪولن جي شاگردن وچم سائنس، ٽيڪنالاجي، انجنيئرنگ، ميٿ، آرٽ ۽ ٻين موضوئن تي مقابلا ڪرايا ويا، عمرڪوٽ، ميرپورخاص ۽ ٿرپارڪر ضلعن جي 18_ 18 اسڪولن جي شاگردن 70 اسٽال لڳائڻ سان گڏ مختلف سيشنز ۽ راڳ رنگ سميت تصريرن جي مقابلن ۾ حصو ورتو، جڏهن ته ميرپورخاص ريجنل اسٽيم فيسٽيول جو افتتاع پ پ پ ايم اين اي ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي، سشيل ملاڻي، تعليم کاتي جي آفيسرن نويد رب صديقي، اقبال ڪنڀر، شمس الدين راٺوڙ، جان محمد بجير ۽ پرتاب شواڻي ڪيو، مٺي جي ماروي اسپورٽس گرائونڊ تي لڳايل ميرپورخاص ريجنل اسٽيم فيسٽيول ۾ ميرپورخاص ريجن جي مختلف تعليمي ادارن جي سربراهن، استادن، شاگردن ۽ سائنسي ماهرن شرڪت ڪئي، افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي پارلياماني سيڪريٽري ۽ ايم اين اي ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي چيو ته سنڌ جي تعليمي معيار کي بهتر ڪرڻ لاءِ ڇوڪرين جي تعليم تي خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، هن وڌيڪ چيو ته ڪاليجن ۾ پروفيسرن جي کوٽ کي پورو ڪرڻ، تعلقن جي سطح تي ڪاليجن ۾ مڪمل اسٽاف جي مقرري، فيميل ڊگري ڪاليجن ۾ اسٽاف جي کوٽ ختم ڪرڻ ۽ بوائز ڪاليجن مان ڊپيوٽيشن جو سلسلو بند ڪرڻ لاءِ عملي قدم کنيا ويندا، ميرپورخاص ريجنل اسٽيم فيسٽيول ۾ ڪامياب ٿيندڙ شاگرد 27 فيبروري تي ڪراچي ۾ ٿيندڙ سنڌ سطح جي مقابلي ۾ شرڪت ڪندا، جتي ڊويزن وائيز شاگردن جي مقابلن جو تعليم کاتي سنڌ پاران اهتمام ڪيو ويو آھي.