مٺي: ٿرڪول ڪمپني ۾ سيفٽي آفيسر جو پراسرار موت، احتجاج

0
338

مٺي (ن پ ا) مٺي ۾ ٿر ڪول ڪمپني ۾ مقامي سيفٽي آفيسر جي پراسرار نموني فوت ٿيڻ واري واقعي خلاف ڌرڻو، سيفٽي آفيسر انجنيئر هريش ميگهواڙ جي وارثن ۽ شهرين پاران ڪشمر چوڪ تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪيو ويو، ان موقعي تي مظاهرين جو چوڻ هو ته هريش ميگهواڙ جو موت قتل لڳي ٿو، هريش ميگهواڙ جي پرسرار نموني فوت ٿيڻ واري واقعي جي جاچ ڪرائي وڃي، ٻي صورت ۾ شديد احتجاج ڪيو ويندو.