مٺي(رپورٽر) مٺي ڀرسان اسلام ڪوٽ روڊ تي ڳوٺ ٻگهار اسٽاپ وٽ موٽر سائيڪل سلپ ٿيڻ سبب ڳوٺ ڊاڀي واسي نوجوان سوجو ڀيل فوت ٿي ويو، جنهن جو لاش مٺي سول اسپتال آندو ويو ۽ ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، معلوم ٿيو آھي ته تيز رفتاري سبب موٽر سائيڪل سلپ ٿي وڻ سان ٽڪرائجي ويو، جنهن ڪري موٽر سائيڪل سوار موقعي تي ئي دم ڏيئي ڇڏيو.