مٺي(رپورٽر) ڏيپلي مان فرار ٿي مذھب مٽائڻ بعد ڪجھ ڏينهن پهرين مقامي صحافي صدام بجير سان شادي ڪندڙ ٽڪ ٽاڪر ڀاڳونتي عرف صائمه مڙس جي مسواڙي جڳھ تان پرسرار نموني گم ٿي وئي. مڙس صدام بجير مٺي ٿاڻي تي پهچي  پوليس کي درخواست ڏني آھي ته آئون ۽ منهنجي زال رات واري ماني کائي مٺي جي پنهنجي مسواڙي جڳه تي ويٺل هئاسين ته نامعلوم ماڻهو منهنجي زال ڀاڳونتي عرف صائمه کي اغوا ڪري ويا آھن. پوليس موجب پاڙي وارن جو چوڻ آھي ته صدام جي زال موٽر سائيڪل تي آيل ڪنهن نامعلوم شخص سان گڏ نڪري وئي آھي ڳولا ڪريون پيا. واضح رهي ته ڏيپلي جي صحافي صدام بجير ڪجهه ڏينهن اڳ ڏيپلو مان  فنڪاره ۽  ٽڪ ٽاڪر ڀاڳونتي ڀيل سان نڪاح ڪيو هو. صدام بجير اڳ شادي شده آهي ۽ ٻن ٻارن جو پيءُ آهي