مٺي(رپورٽر ) مٺي جي المهدي اسپتال سامھون  شھر جي مصروف ترين روڊ ڪناري بيٺل وڻ ۾ ٽنگيل هڪ شخص جو لاش ھٿ آيو آهي،لاش جي سڃاڻپ 62 ورهين جي رٽائرڊ پوليس جمعدار موهن ميگهواڙ طور ٿي آهي، اطلاع تي مٺي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش اسپتال منتقل ڪيو جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو،واقعي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو،وارثن موجب ته موهن ميگهواڙ پوليس ۾ جعمدار طور رٽائرڊ ٿيو هو ۽ کيس اولاد نه هئڻ سبب پريشان رهندو جنهن سبب اهڙو قدم کنيو، هوڏانهن لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو