مٺي لڳ ياترين سان حادثو، 20 ڄڻا زخمي

0
165

مٺي ويجهو ٽاءِ راڊ ٽٽڻ سبب سوزوڪي ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 20 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي

نئون ڪوٽ جي ڳوٺ خواجا علاءُ الدين مان مينگهواڙ برادري جا ياتري ننگرپارڪر جي جوڙيو مندر وڃي رهيا هئا ته حادثي جو شڪار ٿيا

حادثي جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت 20 ڄڻا زخمي ٿي پيا، اطلاع تي پوليس پهچي زخمين کي مقامي اسپتال منتقل ڪيو