مٺي (رپورٽ: ممتاز نهڙيو) مٺي جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت ۾ ٺيڪيدار شوڪت لاکو جي نظر محمد لاکو قتل ڪيس ۾ ضمانت لاءِ درخواست رد ڪري ڇڏي، عدالتي حڪم تي کيس پوليس گرفتار ڪيو، جوابدار کي ڇڏائڻ لاءِ اڻڄاتل ماڻهن پوليس تي حملو ڪري ڏنو، ڇڪتاڻ وڌڻ بعد پوليس جي وڌيڪ نفري طلب ڪري عدالتي حڪم تي گرفتار جوابدار کي زخمي حالت ۾ ٻيهر سوگهو ڪيو ويو، جڏهن ته جوابدار کي ڇڏائڻ لاءِ پهتل اڻڄاتل جوابدار فرار ٿي ويا، واضح رهي ته ڳوٺ سينهار نانگڙ ۾ 2022ع ۾ قتل ٿيل نوجوان نظر محمد لاکو جو ڪيس جهن ٿاڻي تي داخل هو ۽ قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار ٺيڪيدار شوڪت لاکو روپوش هو، عدالت ۾ گرفتاري کان اڳ واري درخواست داخل ڪرائي هئي، عدالت ضمانت رد ڪري کيس پوليس حوالي ڪيو ته سندس حامين ڇڏائڻ لاءِ پوليس تي حملو ڪيو، هڪ اي ايس آءِ سميت 3 اهلڪار زخمي ٿي پيا، رخمين ۾ اي ايس آءِ ابراهيم ڪنڀر، اهلڪار الهڏنو ۽ عاشق حسين شامل آھن،  زخمي اهلڪارن موجب عدالت مان ضمانت رد ٿيڻ بعد پوليس حوالي ٿيل جوابدار عدالتي ڪمري ٻاهران فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، سندس 10 کان 12 حامين ڇڏائڻ لاءِ حملو ڪري ڏنو.