مٺي(رپورٽر ) سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ خلاف ٿر جا ڊاڪٽر به سراپا احتجاج بڻجي ويا، مٺي سول اسپتال جي ڊاڪٽرن، ڊاڪٽرياڻين ۽ عملي سنڌو ڌرياءَ تي تڪراري ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ ذريعي لکين ايڪڙ زمين جي نيلامي خلاف ٽوڪن هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعري بازي ڪئي، مٺي جي نالي وارن ڊاڪٽرن ڊاڪٽر حفيظ دل۔ صاحبڏنو جهنجي۔ ڊاڪٽر دليپ ننداڻي۔ ڊاڪٽر دليپ سونارو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سول اسپتال جي ڊاڪٽرن ۽ عملي جلوس ڪڍي اسپتال جي مک دروازي تي ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌو ڌرياءَ اسانجي بقا ۽ وجود جو مسئلو آھي انتي ڪئنال ڪڍڻ خلاف سنڌ جو ٻچو ٻچو سراپا احتجاج بڻيل آھي۔ اسان ڪئنالن خلاف هر جدوجهد ۾ شامل هونداسين۔ اهڙو فيصلو واپس ورتو وڃي۔ ڊاڪٽرن ۽ ميڊيڪل عملي جي جدوجهد جو دائرو وڌايو ويندو۔ سنڌو تي ڪئنالن جو منصوبو ۽ زمين جي نيلامي بند نه ٿيڻ تائين احتجاج جاري رهندو۔