مٺياڻي(ن پ ا) مٺياڻي ۾ ڳوٺ قربان چانڊيو جي رھواسين ڳوٺ ۾ ترقياتي ڪم نه ٿيڻ خلاف مٺياڻي جي مين چؤڪ تي احتجاج ڪري ڌرڻو ھنيو، ڌرڻي جي اڳواڻي  فياض چانڊيو ، غلام مرتضا چانڊيو ۽ ٻيا ڪري رھيا ھيا ،اڳواڻن جو چوڻ هو ته ڳوٺ قربان چانڊيو کي ترقياتي ڪمن ۾ مڪمل نظر انداز ڪرڻ واري عمل خلاف مجبور ٿي روڊن تي نڪتا آهيون اسان پاڪستان پيپلز پارٽي جا ووٽر آھيون پر هتان جا چونڊيل نمائندا اسانکي مسلسل نظر انداز ڪندا آيا آھن ھنن چيو ته اسانجي ڳوٺ ۾ ھينئر تائين ڪوبه ترقياتي ڪم نه ڪرايو ويو آھي ۽ نه ئي ڪنھن غريب مستحق کي سولر پليٽ يا نلڪو ڏنو ويو آھي  ھتان جا چونڊيل نمائندا من پسند ماڻھن جا ترقياتي ڪم ڪرائي رھيا آھن ۽ سولر پليٽون ۽ نلڪا به پنھنجا نوازي تحت ورھائي رھيا آھن، جيڪا اسان پراڻن پارٽي ورڪرن سان ناجائزي آھي اڳواڻن وڌيڪ چيو ته اسانجو ڳوٺ قربان چانڊيو ۾  بنيادي سھولتن جھڙوڪ ڊرينيج ۽ پڪن رستن جي سخت ضرورت آھي ھنن چونڊيل نمائندن کان مطالبو ڪندي چيو ته اسان جا جائز مسئلا حل ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.