مٺياڻي (ن پ ا) مٺياڻي ويجهو گذريل ڏينهن ڳوٺاڻن پاران ڦر دوران پڪڙيل ٻن ڦورن آصف گاڏهي ۽ پپو رند واري واقعي جو دڪاندار اقبال پنهور جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو، جڏهن ته ٻنهي جوابدارن کي پوليس عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي عدالت ٻن ڏينهن جي رمانڊ تي کين پوليس حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو، واضح  رهي ته گذريل ڏينهن ڦورن دڪاندار اقبال پنهور کان 2 لک رپيا ڦر ڪيا ۽ مزاحمت تي فائرنگ ڪري زخمي ڪيو هو جنهن بعد ڳوٺاڻن ٻنهي ڦورن کي پڪڙي پوليس حوالي ڪيو هو،