ڪرڪيٽ دنيا جي واحد اهڙي راند آهي جنهن ۾ هر شئي جو رڪارڊ رکيو ويندو آهي، ڪرڪيٽ کي انگن اکرن جي راند پڻ چيو ويندو آهي.

سو رڪارڊن جي هن راند ۾ اڄ ذڪر ڪنداسين ڀارتي وومين ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان مٿالي راج جو.

ڀارتي رياست راجسٿان جي شهر جوڌپور جي هڪ تامل خاندان ۾ 3 ڊسمبر 1982ع تي جنم وٺندڙ مٿالي راج پنهنجي ڪرڪيٽ ڪيرئير جي شروعات 10 ورھين جي عمر کان ڪئي، 17 سالن جي عمر ۾ کيس ڀارتي وومين ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو، هن 1999ع ۾ آئرلينڊ خلاف کيڏيل پنهنجي پهرين ون ڊي ميچ ۾ سينچري اسڪور ڪئي، هوءَ پنج اهڙين عورت ڪرڪيٽرز ۾ شامل آهي جن پنهنجي پهرين ون ڊي ميچ ۾ سينچريون ٺاهيون.

رڳو اهو ئي نه کيس ننڍي عمر يعني 16 سال 205 ڏينهن جي عمر ۾ سينچري اسڪور ڪندڙ عورت ڪرڪيٽر جو اعزاز حاصل آهي، جيڪو رڪارڊ اڄ تائين قائم آهي، ان کانسواءِ ھڪ ڏينهن واري ڪرڪيٽ جي عالمي مقابلن ۾  لاڳيتو 7 ففٽيون هڻڻ جو رڪارڊ پڻ وٽس ئي آھي.

مٿالي راج ڀارت لاءِ چار عالمي ڪپ کيڏيا،  سندس اڳواڻيءَ ۾ ڀارت وومين ٽيم 2005ع واري ورلڊ ڪپ جو فائنل کيڏيو هو، جنهن ۾ کين آسٽريليا هٿان 98 رنسن تان شڪست جو منهن ڏسڻو پيو. مٿالي راج ڪرڪيٽ جي ٽنهي فارميٽ ڀارتي ٽيم جي نمائندگي ڪندي ڏھه ھزار کان مٿي رنسون اسڪور ڪيون.

سال 2006ع ۾ مٿالي راج جي ئي قيادت ۾ ڀارت انگلينڊ کي ان جي ئي سرزمين تي شڪست ڏني، ساڳي سال مٿالي جي اڳواڻي ۾ ڀارت ايشيا ڪپ ۾ پڻ ڪاميابي ماڻي.

2017ع ۾ انگلينڊ اينڊ ويلز ۾ ٿيل وومينز ورلڊ ڪپ دوران مٿالي راج هڪ ڏينهن واري عالمي مقابلن ۾ سڀني کان وڌيڪ رنسون ٺاهڻ وارو رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو.

مٿالي انگلينڊ جي شارليٽ ايڊورڊز جي 5992 رنسن جو رڪارڊ ٽوڙيندي ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ 6000 رنسون ٺاهيندڙ پهرين عورت ڪرڪيٽر بڻي.

مٿالي راج جا دنيا جي بهترين بيٽرز منجهان ھڪ ھئي، سا ميدان ۾ ڦڙت فيلڊر طور ڄاتي ويندي ھئي.

مٿالي راج عالمي ڪرڪيٽ جا ڪيترائي رڪارڊ پنهنجي نالي ڪيا،  ٻن ڏهاڪن تائين ڪرڪيٽ جي دنيا تي راڄ ڪيو… (فيس بوڪ تان ورتل)