مِٽي دي بڻي سرڪار…..!

0
56
مِٽي دي بڻي سرڪار.....!

خيرن سان اليڪشن گُذري وئي، سڀ ڪو پنھنجي گھر روانو ٿيو. رات ٿيندي ئي عام چونڊن جا نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا، ھڪ ٽي وي تان خبر نشر ٿي ته ”بُلند خان بندوقوالا“ ذري گھٽ ھڪ لک ووٽ کڻي ”پريل پسٽولي“ کان اليڪشن کٽي ورتي. وري ٻئي ڏينھن صبح جو پريل پسٽولي جو پسٽول سميت ٽي وي تي فوٽو سان خبر آئي ته ھُن سوا لک ووٽ کڻي اليڪشن واري ملھ ماري ورتي. ائين ئي نتيجا ايندا ويا ۽ ملڪ ۾ کٽيندڙ ۽ ھارائيندڙ اُميدوارن توڙي سندن حمايتي ۽ مخالف ڌرين ۾ خوشي ۽ سوڳ واري مليل جليل لھر ڇانيل رھي. گڏ ڪيل انگ اکرن موجب خبر پئي ته ڪابه پارٽي اڪيلي سر حڪومت ٺاھي نٿي سگھي ۽ ان سڄي سياسي صورتحال ۾ پوري ملڪ جي عوام توڙي عالمي قوتن جو اسانجي ملڪ اندر وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن جي قائم ٿيڻ جي شديد انتظار ۾ رھيا. گذريل ھفتي ۾ ٿيل عام چونڊن جي خاص ڳالھ اھا ھئي ته، ”انڊپينڊنٽ“ ۽ ”آزاد“ اميدوار پاڻ ۾ گڏ نه ھئا بلڪه ٻه الڳ گروپ ٿي سامھون آيا.

                 ان سڄي اليڪشني صورتحال جو جائزو وٺندڙ يونيورسٽي جي سياست جي شعبي ۾ پڙھائيندڙ پروفيسر ۽ ھڪ ئي وقت تاريخ، عالمي سياست، بين الاقوامي تعلقات ۽ تعلقات عامه جو ماھر سينيئر سياسي تجزئي نگار دانشور جو اليڪشن کان اڳ جو وزنائتو ۽ جڳھ ولاريندڙ تجزيو ڪجھ ھن طرح ھو ته، جديد ٽيڪنالاجي، سوشل ميڊيا ۽ خاص طور تي گذريل مھا ٻوڏن جي ڪري عوام ۾ سياسي شعور پختو ٿيو آھي، سو جيڪا پارٽي گذريل 15 سالن کان عوام جي ووٽ تي ھميشه اقتدار تي براجمان ٿيندي پئي اچي، ھن دفعي ووٽ ان جي مخالف پارٽي جي اتحادي اميدوارن، جن ۾ ٿوري گھڻي فرق سان ساڳي طبيعت رکندڙ گادي نشين، مولوي، ڪجھ قومپرست، ڪجھ نوان چھرا شامل ھئا. جيئن ئي اليڪشن جا نتيجا اچڻ لڳا ته، دانشور صاحب پوئين موقف تان ڦرندي سوشل ميڊيا تي بيان جاري ڪندي لکيو ته، ” سنڌ جو شعور کٽي ويو…!“ مون کيس اھڙي منجھائيندڙ بيان بابت وضاحت گھرڻ لاءِ فون ڪئي ته، ھن چيو؛ ”اھو اصل ۾ مان شعور کَٽڻ نه پر شعور کُٽڻ واري ڳالھ ڪئي آھي، جيڪا ڳالھ وري مٿئين اليڪشن ۾ ڪم ايندي..!“ مان ھن ھائيبرڊ طبيعت رکندڙ ڌماڪيدار دانشور سان وڌيڪ بحث ڪرڻ کان معذرت ڪئي.!”

مُون پاڻ جڏھن شعور کٽڻ ۽ کُٽڻ واري ڪشمڪش واري صورتحال جي جائزي وٺڻ لاءِ گھران نڪري ڳوٺ جي ھڪ بيواھ ”ماسي خيران“ کان ھن اليڪشن ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ جي باري ۾ پُڇا ڪئي ته ھن ٻڌايو، ”ابا منھنجو اھو اڌ پڙھيل ڇورو سڄو ڏينھن ھوٽلن تي رُلڻ پِنڻ ۾ پورو آھي نه ڪُجھ ڪمائي جو گھر ۾ آڻي ويتر ٽي ويلا ماني کائي گھر جو اٽو پيو ٿو روز کُٽائي. ڀلو ٿئي شھيد بي بي محترمه بينظير ڀٽو ۽ سندس پٽ بلاول جو، جن جي خيراتي امداد تي پيو گھر ھلي ۽ منھنجي دوا دارون جو به خرچ ٿو نڪري. ھاڻي ته ٻوڏ ۾ لڙھي ويل ڪچي جاءِ جي جڳھ تي مونکي ”سرڪار ۽ هڪ غير سرڪاري اداري“ وارن پڪو گھر ٺھرائي ڏنو آھي ۽ قرض به ڏنو آھي، جيئن مان مينھن ڌاري کير کپائي گھر ھلايان.!“  ماسي خيران سان سندس گھر جي چُلھ تي اليڪشني حال احوال ڪرڻ، ٺڪر جي پيالي ۾ چانھ پيئڻ بعد جڏھن ٻاھر آيس ته گھٽي ۾ اچانڪ ڀائو ”گھنور خان“ مونکي ڏسندي اچي رئيس جو اليڪشن ۾ کٽڻ تي وڏو ڀاڪر پاتو تنھن تي مون کيس چٿرون ڪندي چيومانس ته ” تون به اسانجي ھُن ھڏ ڏوکي دلبر يار ”خوش محمد خوشالاڻي“  کي ووٽ نه ڏنو، جنھن پوري حياتي سنڌ جي حقن، پاڻي ڪيس، زرعي سُڌارن، صوبي اندر ڪرپشن خلاف ۽ ميرٽ تي نوڪرين جي حق ۾ جلسا جلوس ڪندو ۽ تقريرون ڪندو گذاري آھي. تنھن تي گھنور خان چيو ته، ” ادا بروبر تنھنجو دوست بلڪل سنڌ جو سچو سياستدان آھي، منھنجي پُٽ کي جڏھن پوليس ڪوڙي ڪيس ۾ ٻڌي وئي ته ھُو ويچارو مون سان گڏ ٿاڻي تي به ھليو ھو پر ايس ايڇ او ھن کي گاھ ئي ڪونه وڌو، ھوڏانھن جڏھن رئيس وڏي جي پُٽ ننڍي ڀوتار رڳو فونڙي ڪئي ته منھنجي پُٽ کي صوبيدار پاڻ موبائيل تي کڻي گھر ڇڏي ويو..! اسان به کيس ننڍي ڀوتار جي حڪم تي خوشي خوشي ۾ کڻي ڇيلو پوليس موبائيل ۾ چاڙھي ڏنوسين. ادا جي ڀلا مان پنھنجي پٽ سميت ٻه ووٽ ئي کڻي کيس ڏيون ھا ته ڪھڙو وري ھُو کٽي وڃي ھا، حڪومت ۾ وري به رئيس اچي ھا ۽ رھندو سھندو ڪڙمت واري ٻني به واپس وٺي ھا ۽ روز ٿاڻي تي پوليس جا پادر الڳ سان پُسيل ھجن ھا..!“

ماسي خيران ۽ ادي چاچي گھنور خان جون ڳالھيون ٻڌڻ کانپوءِ مون پھريون دفعو 19 ھين صدي جي جڳ مشھور انگلستاني دانشور ۽ سائنسدان  چارلس ڊارون جي ”فطري بقا“ ( Survival of Fittest ) واري ٿيوري کي سياسي پس منظر ۾ سمجھڻ جي ڪوشش ڪندي گراس روٽ ليول يعني ”گاھ جي پاڙ “ تائين سياست، طاقت ۽ اختيارن جي منتقلي جي زميني حقيقت کي سمجھندي مون وري ھڪ ٻئي ملڪي سطح جي دانشور کي فون ڪري کيس قوم جا ھن حالن ۽ حالتن کان آگاھي ڏني ته جيئن کيس مين اسٽريم ميڊيا  جي ڪنھن ٽي وي پروگرام ۾ کيس ڪٿي پنھنجي موقف کي پيش ڪرڻ ۾ ” ليول پليئنگ فيلڊ “ جو نه شڪار ٿئي، جيئن اليڪشن کان اڳ ڪيتريون ئي سياسي پارٽيون ان جو شڪار ٿيون. ھن مونکي وري ھڪ ٻئي اھم نقطي ڏانھن ڌيان ڇڪائيندي انڪشاف ڪيو ته پوري ملڪ ۾ ھڪ ٻن تڪن کي ڇڏي ڪري ووٽن جي ڪاسٽ جو تناسب 50 سيڪڙو کان گھٽ رھيو آھي، جنھن جو مقصد ته ھن اليڪشني جمھوري عمل ۾ اڌ کان وڌيڪ بالغ آبادي پنھنجي مرضيءَ سان ٻاھر آھي، جيڪي يا ته ھن ووٽ واري جمھوري عمل ۽ تبديلي تي يقين نٿا رکن يا ته بلڪل ئي مڪمل طور تي ھن سسٽم کان خاموش مايوسي جو شڪار آھن. ھن جي اھڙن فلسفن ٻڌڻ مھل منھنجو ته مٿو ئي چڪرائجي ويو. مون کيس رڳو اھو عرض ڪندي چيو ته، ”سائين مونکي رڳو اھو ٻڌايو ته سرڪار ڪنھن جي ٿي جُڙي؟ جنھنجو پوري قوم کي انتظار آھي.“ ھن موٽ ۾ مونکي عالمي ۽ ملڪي سياسي پس منظر سمجھائڻ بعد اسان جھڙن ملڪن جي اليڪشن ۾ اڪثريت ۽ عسڪريت جي اثرانداز ٿيڻ کان متاثر ٿي ھن پنھنجي نئين تخليق ٿيل مخصوص شاعرانه انداز ۾ جواب ڏيندي چيو ته:

ووٽ مِٽي دا….!

گھوٽ مِٽي دا….!

مِٽي دي بڻي سرڪار….!