سونارا ته سنڌ ۾ ڇيهه پکيڻا ويٺا آھن، پر مٺيءَ واري موهن لعل جو ڪو مَٽ ئي نه هو. مٺيءَ جو موهن لعل صرافا بازار جي سُونهن ۽ سُڃاڻپ هو. سونارن جو عُرف عام ۾ تعارف اهو آھي ته سونارو ان کي چئجي جيڪو سونَ کي سمجهي، پرکي، پروڙي ۽ توري تڪي سگهي، پر موهن لعل جو سگهارو تعارف ماڻهن کي پرکڻ واري هڪڙي جوهري وارو هو. جيڪو ماڻهن جي پرک ائين ڪندو هو، جيئن جوهري هِيري کي هٿ ۾ کڻڻ شرط ٻُڌائي ڏيندو آھي ته اهو اصلي آھي يا نقلي. موهن لعل سونارو چوويهه قيراط سون جھڙو نِج نبار سچو پچو ماڻهو هو. اهڙو ماڻهو، جيڪو پنهنجي دؤر جو دلبر ڪردار ٿي گُذريو آھي. هُن جو ٿر جي ماڻهن سان تمام گھرو سنٻنڌ هو. اهڙو سَنٻنڌ، جنهن ۾ سچ جا پڪا ڌاڳا پويل هُئا. جن کي هِي ڇنڻ مُور نه سکيو هو. ٿرين جو موهن تي اک پُور اعتبار هو. موهن پڻ ڪڏھن به انهن جو ڀروسو ڪونه ڀيليو. اهو اعتبار ۽ ڀروسي وارو ڀرم پاڻ آخري دم تائين نڀائيندو آيو. پئسن سان سون گهڻي ملي ويندو، سون وٺڻ لئه سونارا به کوڙ ملي ويندا، پر موهن نه ملندو ۽ نه ئي موهن لعل سوناري جھڙو سون ڪٿي ملندو. هِي اُھو سونارو هو، جنهن ڪڏھن به سونَ ۾ ڪاوترو نه ڪيو. پئسا ڀلي کڻي ڳائي وڄائي وٺندو هو پر شئي به اهڙي ڏيندو هو. موهن لعل جي دُڪان تان مليل زيورن ۾ ڪڏھن به ڪَچ ڪونه نڪرندو هو. سندس ايمانداريءَ جُون ڳالهيون اڄ به ٿر جي ڳوٺن ۾ ڳائجن پيون. ماڻهو ته نيٺ هن دُنيا مان هليا ويندا آھن، پر ڪردار ناهي ويندو. ڪردار انسان کي امرتا بخشي ٿو. موهن لعل سوناري ٿرين جو ڪوبه ٽاڻو نه ٽاريو، سدائين مرڻي پرڻي سڏ ڏيڻ وارو ماڻهو هو. ائين به نه هو ته ڪو رُڳو اميرن سان واسطو هُجي، هِي غريبن سان به نڀائيندو هو. اڀرن جو يار هو. الئه ڪيترن اڀرن ماڻهن جا هن ڪيئي ٽاڻا ڪيا هُئا. ٽاڻا سدائين راڻا ڪندا آھن. سو هِي پڻ مهل ڪندڙ مُڙس ماڻهو ۽ ٽاڻو ڪندڙ راڻو هو. هِي ڪياڙي کنهڻ وارن ڪانئرن ۽ ڪنجوسن مان ڪونه هو. هِي دل کولي خرچ ڪرڻ وارن خانن مان هو، جيڪي پَري کان پَڌرا، لَکن ۾ لَکجڻ وارا عاليشان مرد مُجاهد هوندا آھن.
موهن لعل جھڙي خانداني ماڻهوءَ ٿر جي هزارين خانداني ماڻهن سان عمر جي آخري ڏاڪي تائين نڀايو هو. هِي راڻا چندر سنگهه جي خاص ماڻهن ۾ شُمار ٿيندو هو. راڻا چندر سنگهه جو جڏھن به مٺي اچڻ ٿيندو هو، تڏھن سندس اوطاق تي ضرور حاضري لڳائيندا هُئا. اها خاص روايت برقرار رکندي راڻا همير سنگهه اڄُ به ساڻس نڀائيندو اچي. پنهنجي لاءِ ته هرڪو پاڻ پتوڙي ٿو، پر ٻين لاءِ جيڪو جدوجهد ڪري اُن جو نالو آھي انسانيت! موهن لعل سونارو انسانيت جو نه رُڳو حامي هو، پر هُو هڪڙو سُٺو انسان به هو. انتهائي وڏو ڌيرجوان ماڻهو هو، هُن وٽ پرک جي اهڙي اک هُئي، جنهن سان نه رُڳو سون ۽ چانديءَ سُڃاڻيندو هو، پر سڄڻ ۽ دُشمن جي سُڃاڻپ پڻ پلڪ جهپڪ ۾ ڪري وٺندو هو. هُو پئسي پرور هوندي به هميشه هڪڙي ئي رنگ ۾ رهيو هو. هُن پاڻ پڏائڻ کان وڌيڪ ٻين ڪاڻ جيئڻ جي جستجو ڪري ڏيکاري. هُن وٽ ماڻهو ماڻهوءَ جي سُڃاڻپ هُئي. هُن جھڙا ڏاها ۽ سٻاجهڙا منش مون پنهنجي زندگيءَ ۾ تمام گهٽ ڏٺا. موهن لعل توڙي جو ايترو پڙھيل نه هو نه ئي هُو ڪو وڏو فلسفي هو پر سندس ڏاهپ ڌنارن جي دلين کان وٺي دولتمندن جي ذھنن تائين سڀني جي پرک پري کان ڪري وٺندي هُئي. هُو خُوب ڄاڻندو هو ته ماڻهوءَ ۾ ڪيتري مڻيا آھي. سندس مزاج ۾ ايتري ته مٺاس سمايل هُئي جو دُشمن جو سِينو به پگهرجي پوندو هو. سندس پرهه ڦُٽي پرڀات جھڙي شيتل مُک تي مون ڪڏھن به ڪاوڙ جي لڪير نه ڏٺي. هُو اهڙو املهه موتي هو، جنهن جي اورکاڻ ڪنهن ڪنهن جوهري وٽ هوندي هُئي. هُو نه رڳو سراپا سچُ هو پر حقُ ۽ سچُ جو به سفير هو. اهڙن ماڻهن جي اسان جي سماج کي سخت ضرورت آھي. ڇاڪاڻ ته موهن لعل جھڙا ماٺيڻا ماڻهو سماج جي سُٺي لاءِ ڏينهن رات سوچيندا آهن. اُھي هندو مُسلم ايڪتا جا امين هوندا آھن. رواداريءَ جو راڄُ قائم ڪرڻ ۾ اُھي پنهنجو جيون ارپي ڇڏيندا آھن.
موهن لعل سونارو ڪچهرين جو ڪوڏيو هو. ماڻهن سان تمام گهڻي لڳندي هئس، پاڻ تنهائي پسند قطعي ڪونه هو. موهن لعل کي مون ڪڏھن به ڪنهن سان اوچي آواز ۾ ڳالهائيندي نه ڏٺو. هُو جتي به هوندو هو جھڙن حالن ۾ هوندو هو پر هوندو سدائين هڪڙي ئي رنگ ۽ ڍنگ ۾ هو. سندس سادگي به ڪمال جي هئي. موهن جو ملڻ جُلڻ، سندس مٺو لهجو، هن جو اُٿڻ ويهڻ، هن جي سماج سُڌارڪ سوچ کيس عام ماڻهوءَ کان اوچي پد تي بيهاريو هو. هي ٿر جي سڀني سونارن کان نه رڳو مٿڀرو هو پر مُختلف ۽ انسان دوست پڻ هو. سندس حياتيءَ جو مقصد هر انتقام کان پري هو. هن وٽ ذات پات ۽ ڇُوت ڇات واري ڪابه گُنجائش نه هُئي. هي ڀيد ڀاوَ کان مٿانهون رهيو هو. مٺيءَ جي هن مهان ماڻهوءَ لاءِ اڄُ به مٺيءَ ۾ وڏي عزت ۽ اهميت آهي، ڇاڪاڻ ته هِي اُنهن مهان ماڻهن منجهان هو، جن جا جيون هزارين ماڻهن جي حياتين کي سُڌاري ويندا آھن. موهن لعل سوناري تمام گهڻا ڀلائيءَ جا ڪم ڪيا، جن ۾ غريبن جي نياڻين کي ڏاج پوت ڏيڻ ۾ مدد ڪرڻ کان وٺي بيمار ۽ لاچار ماڻهن جي شيوا ڪرڻ تائين، مندرن ۾ گُپت دان ڏيڻ کان وٺي ايشور جا ستسنگ ڪرائڻ تائين ڪيئي نيڪيءَ جا ڪم ڪيائين. پاڻ سنتوشي ماتا ۽ ماتا راڻي ڀٽياڻيءَ ننگر واريءَ جو وڏو پُوڄاري هو. هن اها روايت پنهنجي اولاد کي به سيکاري آھي. جنهن کي سندس اولاد به برقرار رکيو اچي.
موهن لعل سوناري جو سُڌ جنم سال 1940ع جي شروعات ۾ منهر لعل سوناري جي گهر ۾ ٿيو. منهر لعل سوناري جا چار پُٽ ٿيا، جن ۾ وڏو موهن لعل تنهن کان ننڍو گهنشام داس ان کان ننڍو پرشوتم ۽ سڀنيءَ کان ننڍو اشوڪ ڪُمار آھي. منهر لعل جو هي موڀي پُٽ ننڍي هوندي کان ئي وڏو ذھين ۽ عقلمند هو. هُو ننڍپڻ ۾ پنهنجن ناناڻن وٽ پليو. ستن سالن جي عمر ۾ سندس نانو امولک داس سال 1947ع ۾ کيس ليڪي جي هُن پار يعني هندستان ۾ ٻاڙمير وٺي ويو. پاڻ ناني امولک جو انتهائي لاڏ گِدُوڙو هو. اُتي موهن لعل ڇهين درجي تائين تعليم حاصل ڪئي ۽ بعد ۾ 1958ع ۾ پنهنجي وطن واپس موٽي آيو. هن 1936ع ۾ شادي ڪئي، جنهن مان کيس ٽي پُٽ آھن. وڏو مُڪيش ڪمار ان کان ننڍو دليپ ڪُمار عُرف گُڊُو ۽ سڀني کان ننڍو انيل ڪُمار آھي.
هن پنهنجي جيون چريتر جي وچ ۾ ئي 2014ع ۾ پنهنجو ڪاروبار پنهنجي پُٽن حوالي ڪري ڇڏيو هو. ڪي ماڻهو ڳالهائيندا آھن ته اُنهن جي گُفتن مان گُلابن جي واسنا جو واس ايندو آھي ۽ ماڻهوءَ جي دل چوندي آھي رڳو ويهي انهن جون ڳالهيون ٻُڌجن. موهن لعل جو جيون چريتر مسلسل محنت ۽ جدوجهد جو نالو آھي. جيئڻ لاءِ رڳو ساھ کڻي جيئڻ ضروري ناهي پر اصل زندگيءَ جو مقصد آھي ته ٻه چار چڱا ڪم ڪري وڃجن ته جيئن پويان دُنيا کيس سُٺن اکرن سان ياد ڪري. باقي ڌن ۽ دولت ته لکين ماڻهن وٽ پيو آھي پر ڪنهن کي ياد ئي ناهن مگر جڏھن به ڪو ننگر ويو ۽ ماتا راڻيءَ جي ڀَويه مندر جو درشن ڪيو ته موهن لعل کي ضرور ياد ڪندو!!