مُرجهائجي ويل مُرڪ ۽ نفسياتي مسئلا

0
284
مُرجهائجي ويل مُرڪ ۽ نفسياتي مسئلا

 سياري جو فطرتي اثر انسان جي مزاج تي اُداسي ڇائيندڙ مند طور رھيو آھي. سياري جي ڊگھين ۽ ٿڌين راتين ۾ جڏھن ھجر جا گھاءُ تازا ٿيو وڃن، جڏھن اتر جون ھوائون ۽ ٿڌو لُر ميداني علائقي تي پوي ۽ صبح جي ماڪَ وڻ ٽڻ، پکي پکڻ ۽ گاہه جي ميدانن کي پسائي وجھي ۽ جڏھن سج لھندي ھر طرف ڌُنڌ ڇانئجي وڃي، رات ٿيندي موندھارا پون، تڏھن ماضيءَ جون ڌنڌليون يادگيريون ۽ وصل جي ڇڪ ويتر دلين کي گھيري ٿي وڃي ۽ انسان ھڪڙي وڪوڙيل وجود جيئن ٿيو وڃي.

                 سياري جي اھڙي مند جي شروعاتي ڏينھن ۾ جڏھن سنڌ ۾ مرڪ جي مرجھائڻ جي خبر پوي، تڏھن سوشل ميڊيا تي ھر طرف ھر پاسي کان مختلف رايا، تجزيا، تبصرا ۽ ڳالھيون پکڙجي ويون. گذريل اربع جي صبح مرڪ جي بظاھر خودڪشي جي خبر رپورٽ ٿي. مرڪ جان قريشي جو مانجھند جي ھڪ پيراڻي گھراڻي سان تعلق ھو (ٻڌايو ٿو وڃي ته سندس والد جان محمد قريشي، درگاہه شاہه اويس قرني جو موجودہ گادي نشين آھي). ھوءَ تقريبن گذريل ھڪ سال کان ھڪ نجي بئنڪ سان پڻ لاڳاپيل ھئي ۽ ٽارگيٽ پورو نه ٿيڻ سبب ھوءَ مسلسل نوڪري وڃائڻ جي خطري ھيٺ پڻ ھئي. سوشل ميڊيا تي مختلف تبصرن ۾ ڪٿي سندس موت کي خودڪشي ڪوٺيو پيو وڃي ته ڪٿي وري انھي کي ھڪ سوچيل سمجھيل قتل پڻ قرار ڏنو پيو وڃي. اھڙي صورتحال ۾ ڪجھ عرصي کان مرڪ سان تعلق ۾ رھندڙ سيف جتوئي تي سندس قتل جو الزام لڳايو پيو وڃي. مرڪ جان جي والد موجب، انھيءَ واقعي کان گذريل رات ساڻس فون تي ڳالھ پڻ ٿي ھئي ۽ انھي وقت ھُن (مرڪ) ڪنھن به پريشاني جي ڪا به ڳالهه نه ڪئي. سندس ماءُ ۽ ڀيڻ مطابق مرڪ جان جو قتل ڪيو ويو آھي ۽ ھنن مطابق ھن جي جسم تي تشدد جا نشان پڻ ھئا.

مرڪ جان سان تعلق ۾ رھندڙ سيف جتوئي جو وڊيو بيان پڻ سوشل ميڊيا تي زيرگردش آھي، جنھن ۾ ھو انھي واقعي واري رات جي وضاحت پڻ ڪري رھيو آھي. مرڪ جي ڊائري جا ورڪ پڻ سوشل ميڊيا تي زيرگردش آھن، جنھن تحت سندس سيف جتوئي سان تعلقات ۾ سرد مھري ظاھر ٿئي ٿي. ھڪ سوچيندڙ ذھن پنھنجي آسپاس کان ناگزير طور متاثر ٿيندو ئي آھي. مرڪ جان واري واقعي ۾ جنھن کي بظاھر خودڪشي ڪوٺيو پيو وڃي، (جي واقعي به اها خودڪشي آهي ته) انھيءَ مان اسان کي اھو ضرور سوچڻ گھرجي ته ڇا مرڪ جان خودڪشي صرف پنھنجي رومانوي زندگي سبب ئي ڪئي؟ ھڪ منٽ لاءِ ھن صورتحال کي تصور ڪجي ته، ھڪ سماجي ۽ سياسي طور متحرڪ ڇوڪري آھي. جيڪا ھڪ مصروف شھر ۾ فليٽ ۾ زندگي گذاري پئي. الارم جي گھنٽي تي صبح اک کلندي ئي ڀڄ ڊڪ وارو ڏينھن شروع ٿيو وڃي. ائين ئي زندگي جي ٻين ڪيترن ئي جھنجھٽن سان گڏوگڏ انھي جي زندگي جو ھڪڙو رومانوي پھلو به ھجي. جنھن ۾ سڄي ڏينھن دوران ڇا ٿيو، ڇا وھيو واپريو ھڪ ٻئي سان ونڊجي، چند پيار محبت جون ڳالھيون ڪجن ۽ مستقبل جي سھڻن خوابن جا سانباها ڪيا وڃن، پوءِ ھڪڙي اھڙي مهل به اچي، جڏھن ڪنھن سبب انھي رشتي ۾ دراڙ اچي وڃي ۽ پوءِ ڊگھي بحث کانپوءِ ھڪ زندگيءَ جي انت تي ڪھاڻي ختم. بظاھر اھا ھڪ تصوراتي ڪھاڻي آھي ۽ ڪيتريون ئي فلمون انھي ڪھاڻي سان ملندڙ جلندڙ اسان کي ملي وينديون. پر، جيڪڏھن اسان پنھنجي آس پاس، سوشل ميڊيا، خبرون ۽ اخبارون ڏسون ته اھي ڪھاڻيون ھاڻي صرف ڪھاڻيون ئي ناھن رھيون، بلڪه عملي صورت اختيار ڪري چڪيون آھن.

اسان مرڪ جي خودڪشي/قتل جي واقعي کي هڪ پاسي رکي، سماج ۾ ٿيندڙ خودڪشين جي واقعن تي ڳالهايون ٿا ته خودڪشيون ھاڻي تقريبن ھر روز جي اخبار جي سرخيءَ بڻجي چڪيون آھن ۽ انھي جو ھڪڙو سبب ھن وقت ۽ ويجھي ماضي ۾ تخليق ٿيندڙ فلمون ۽ ادب پڻ آھي. اھي عوامل ڪجھ ھن طرح انسان تي اثرانداز ٿين ٿا جو اھي رومانوي طور انسان کي ھڪ اھڙي افسانوي دنيا ۾ وٺي وڃن ٿا، جنھن جو قابل عمل ھجڻ ڪنھن به صورت ممڪن نٿو ٿي سگھي. انسان انھي دنيا کان متاثر ٿي جڏھن ھن عملي دنيا ۾ پير پائي ٿو ته ويتر مونجھاري، مايوسي ۽ تنھائي جو شڪار ٿيو وڃي. اھڙي صورتحال ۾ ھو پاڻ لاءِ ھي دنيا رھڻ جوڳي سمجهي ئي نٿو ۽ نتيجتن سندس جيون پنھنجو پاڻ لاءِ ئي ناقابل برداشت ٿيو وڃي. انھي کان علاوہ خودڪشي کي معاشري ۾ حوصلا شڪني بجاءِ حوصلا افزائي گھڻي حاصل ٿئي ٿي. جيئن مرڪ واري واقعي ۾ کيس شھيد محبت جھڙا لقب نوازڻ اھڙي عمل جي حوصلا افزائي ڪرڻ مترادف آھي. محبت ھڪڙي جذباتي ۽ نفسياتي لڳاءُ بجاءِ، سماجي ٽرينڊ بڻجي چڪي آھي. ڪنھن افسانوي ڪھاڻي کي خيال ڪري، زبردستي مايوس ۽ ڏکارو رھڻ ۽ وري انھي ڪيفيت کي پنھنجي سماجي حلقي ۾ بحث ھيٺ آڻڻ خصوصن نوجوانن ۾ پسنديدہ مشغلو بڻجي چڪو آھي. انھي کان علاوہ اسان وٽ سماجي روش رھي آھي ته جڏھن ڪو خودڪشي جو شڪار ٿئي ٿو ته حجام جي دڪان کان وٺي ھوٽل تائين ھر جڳھ انھي متعلق جامع گفتگو جي شروعات ٿي وڃي ٿي. ھر ڪو انھي جي مخلتف سببن تي روشني وجھندو رھي ٿو. انھي سلسلي ۾ متاثرہ فرد جي خانداني تاريخ ۽ ڪنڊلي کان وٺي انھي جي اٿڻ ويھڻ جي طور طريقن ۽ ڳالھائڻ جي انداز تائين کي بحث ھيٺ آندو ويندو آھي.

خودڪشي ٽيون اھڙو وڏو ڪارڻ آھي، جنھن ڪري ماڻھن جو موت واقع ٿئي ٿو. انھي ۾ حادثات ۽ قتل ترتيبوار پھرين ۽ ٻئي نمبر تي آھن. اسان وٽ خودڪشي جي بنيادي سببن ۾ تنھائي، نااميدي، مايوسي، محبت ۾ ناڪامي، حالتن کان بيزاري ۽ اھڙي طرح جا ٻيا ڪيترائي سبب شامل آھن، جيڪي انسان جي سماجي زندگي ۾ ناڪامي کي ظاھر ڪن ٿا. خودڪشي جو عمل بنيادي طور انسان جي نفسياتي دٻاءُ (انھي پٺيان سماجي حالتون ۽ زندگي جي مجموعي ڪار وهنوار ۾ ڏکيايون بهرحال ٿي سگھن ٿيون) جو ئي ردعمل ھوندو آھي. اسان وٽ نفسياتي تعليم جي شديد کوٽ آھي. علم نفسيات جيڪو الڳ سان پورو سبجيڪٽ آھي اھو اسان جي تعليمي ڍانچي ۾ (ھائير سيڪنڊري تائين) ڪٿي به پڙھايو نٿو وڃي ۽ نه ئي نفسيات ۽ نفسياتي مسئلن متعلق ڪٿي ڪنھن ڳالھ ٻولھ جو رجحان آھي.

خودڪشي جا ڪيترائي سبب ٿين ٿا. عمومن معاشي رتبي کي خودڪشيءَ جو واحد سبب ڄاڻايو ويندو آھي. حالانڪه خودڪشي جتي غريب ماڻھو ڪن ٿا، اتي امير ماڻھن ۾ پڻ خودڪشيءَ جو رجحان ڏٺو ويو آھي. انسان نفسياتي طور پنھنجي سماجي رتبي کي وڌيڪ فوقيت ڏئي ٿو. انھيءَ صورت ۾ سندس ذاتي عزت ۽ خودپسندي کي ڇيھو پھچڻ به خودڪشي جھڙي عمل جو سبب بڻجي سگھي ٿو. سماجي اڪيلائي پڻ خودڪشيءَ جو سبب بڻجي سگھي ٿي. انھي کان علاوہ خودڪشي ڪندڙن ۾ اڪثريت اھڙن ماڻھن جي ھجي ٿي، جيڪي ڪنھن به نفسياتي بيماري جو شڪار ھجن ٿا، جيئن ڊپريشن. ڊپريشن ذاتي زندگيءَ ۾ ڪنھن واقعي سبب ٿي سگھي ٿي. تنھنڪري نفسياتي مسئلن جو علاج ڪرائڻ انتھائي ضروري آھي. انگن اکرن مطابق خودڪشي ڪندڙ ماڻھن جي اڪثريت خودڪشي جي ڪوشش کان ڳچ ڏينھن اڳ ڳالھين ۾ اھڙي عمل جو ڪنھن نه ڪنھن قسم جو اشارو ضرور ڇڏين ٿا. اھڙي صورت ۾ اسان کي گھرجي ته بجاءِ جو ڳالھ کي ٽارڻ ۽ رفع دفع ڪرڻ جي انھي شخص جي اھڙي ريت مدد ڪجي جيئن ھو نفسياتي دٻاءَ کان ٻاھر نڪري سگھي.

ضرورت انھي امر جي آھي ته نفسياتي تعليم کي عام ڪجي. انھي کي تعليم جي بنيادي ڍانچي جو حصو بڻائجي. نفيسات کي ٻارن جي پرورش جو حصو بڻائجي. گڏوگڏ رائج ادب ۾ پڻ انھي کي فروغ ڏجي. جيئن ماڻھو پنھنجن فيصلن متعلق شعوري ادراڪ رکن ۽ صورتحال جو مجموعي جائزو وٺي بھتر فيصلا وٺي سگھن.

[email protected]