ميھڙ (ن پ ا) ميھڙ ڀرسان ڳوٺ حاصل کوسو جي رھواسين دڪاندار عبدالفتاح چانڊيو ، حاجي ايوب چانڊيو ، ياسين چانڊيو ۽ ٻين نيشنل پريس ڪلب پھچي احتجاج ڪندي دانھيو ته 25 ڊسمبر تي 3 ھٿياربندن واپاري دڪاندار عبدالفتاح چانڊيو کي يرغمال بڻائي 2 لک 32 ھزار رپيا روڪ رقم، موبائيل فون ۽ ٻيو قيمتي سامان ڦر ڪيو ھئو، مزاحمت تي ھڪ ڦورو کي سڃاتو ھئو، ھنن چيو ته اسين ھڪ ڦورو کي پڪڙي ميھڙ بي سيڪشن پوليس حوالي ڪيو ھو، پر ميھڙ جي بي سيڪشن پوليس ڏوھارين کان پيسا وٺي ان کي ڇڏي ڏنو آھي، ھنن مطالبو ڪيو ته ڦر ٿيل رقم واپس ڪرائي ڏوھارين کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.