ميڻ جهڙيون مائرون ۽ پٿر دل اولاد

0
56
ميڻ جهڙيون مائرون ۽ پٿر دل اولاد

  هونئن ته هر رشتي جي پنهنجي خوبصورتي ۽ پنهنجائپ هجي ٿي پر دنيا جي سمورن رشتن کان وڌيڪ پر خلوص، سچو ، بي لوڀ ۽ پيار ڀريو جيڪڏهن ڪو رشتو مونکان پڇي ته مان اهو ئي چونديس ته واحد ماءُ جو رشتو ئي آهي، جيڪو دنيا جي سمورن رشتن کان وڌيڪ حسين ترين رشتو آهي. ڇاڪاڻ جو ماءُ غريب ڪکاون گهرن ۾ رهندڙ هجي يا وري ارب پتي امير ترين هجي پر انهن جي جذبن ۾ ڪا به تبديلي ناهي هوندي، اهي اولاد جي لاءِ هڪ جهڙي حساسيت ۽ احساس رکن ٿيون، اهو ايتري وثوق سان انهي ڪري چوان ٿي پئي جو مان پاڻ هڪ ڌيءِ يعني اولاد به آهيان ته وري پنهنجي اولاد جي ماءُ به آهيان، انهي ڪري مان سمجهان ٿي ته دنيا ۾ ماءُ جو ڪو به نعم البدل ناهي ۽ بس رڳو ماءُ ئي ماءُ ٿي سگهي ٿي، ماءُ پنهنجي پيٽ ۾ 9 مهينن تائين اولاد کي پالي ٿي، انهي جي پيٽ ۾ پرورش دوران ماءُ پنهنجي ننڊ ڦٽائي ٿي ڇڏي، هوءَ هلڻ ڦرڻ، گهمڻ ، دنيا جي سمورين خواهشن ۽ آسائشن کان پاڻ کي رڳو انهي ڪري به پري رکندي رهندي آهي ته جيئن سندس پيٽ ۾ پلجندڙ اهو ٻار خيريت سان هن دنيا ۾ اچي ۽ جڏهن اهو ٻار دنيا ۾ اچي ٿو، عورت جڏهن ماءُ بڻجي ٿي ته هن جي دنيا ئي بدلجي وڃي ٿي، سندس ڪل ڪائنات اهو ٻار هوندو آهي،

جنهن ٻار جي ڄمڻ دوران هوءَ ڄم جا سور برداشت ڪندي آهي، زندگي۽  موت جي وچ ۾ رهندي به ماءُ بڻجڻ وارو اعزاز حاصل ڪندي آهي ۽ ماءُ بنجڻ بعد به اولاد جي پرورش ۽ تربيت تي پنهنجو سڀ ڪجهه قربان ڪري ڇڏيندي آهي.دنيا جي خالق ڪائنات جو نظام قائم رکڻ لاءِ ۽  انساني تسلسل جي بقا جو سڄو ڪريڊٽ عورت کي ڏنو آهي، عورت جي ڪک مان ئي ڪو نئون انسان جنم وٺي ٿو، اهو دنيا جي اهم عهدن تائين پهچي ٿو، اهو سڄو اعزاز عورت کي حاصل آهي، پر جڏهن اها ئي عورت اکيون ڀري اولاد لاءِ روئندي آهي، يا اولاد جي روين تي روئندي آهي ته سچ پڇو مونکي هڪ ماءُ يا عورت هجڻ تي الاهي ڏک به ٿيندو آهي، جنهن ٻار جي بيمار ٿيڻ تي عورت پنهنجي ننڊ، سک، چين ڦٽائي ٿي ڇڏي، جنهن جي پالنا ۾ پنهنجو رت وهائي ٿي، پنهنجي جسم جي اندر پنهنجو ئي وجود ئي ڪوري اولاد کي جنم ڏي ٿي، انهي ماءُ کي جيڪڏهن پٽ ڪو ڪڌو لفظ ڳالهائي ته عورت جو اندر ڀڄي پوندو آهي. اولاد قدرت جي پاران نعمت آهي، جنهن ۾ ڌيءَ ته رحمت آهي پر اها رحمت تڏهن زحمت بڻجي ٿي پنهنجي امڙ جي اوجاڳن جو احساس ڪرڻ بدران ڪنهن اڻ ڄاڻ جي عشق ۾ مبتلا ٿي والدين جو گهر ڇڏي ٿي وڃي، اهڙو ئي هڪ مثال انهي دعا زهرا جو آهي، جنهن جي جسم مان اڃا ته مڪمل جواني به ڦٽي نه هئي ۽ جنهن کي پاڻ اڃا پرورش جي ضرورت هئي، انهي دعا زهرا جڏهن عدالتن جي احاطي ۾ لڙڪ لاڙيندڙ ماءُ جي سڏڪن تي به رحم نه ڪيو تڏهن هر ماءُ روئي پئي هئي، جنهن ڌيءَ کي جنم ڏنو آهي، هر عورت جي اک آلي ٿي وئي جيڪا هڪ ماءُ آهي،

ڇاڪاڻ جو دنيا ۾ ماءُ جو ڪو به متبادل ناهي، عارضي طور عشق جي انڌي گهوڙي تي سوار اهڙيون ڇوڪريون ان قسم جي عمل سان ٻين ڇوڪرين جي راهن ۾ ڪنڊا وڇائين ٿيون.مڃون ٿا ته دعا زهره جسماني طور بالغ ٿي وئي هئي ۽ هن جي مخالف جنس ۾ دلچسپي وڌڻ لڳي هئي، ان وقت سندس موبائيل جي استعمال کان وٺي مشڪوڪ حرڪتن تي والدين ڪڙي نظر نه رکي سگهيا هوندا، پر پنهنجي اولاد جي خواهشن جو ڪو والد قاتل ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟ والدين ته اولاد جي خواهشن ۽ خوشين خاطر رت ولوڙين ٿا، اهي ته سندن ضرورتن جي پورائي لاءِ پنهنجي پيٽ تي پٿر به رکيو ڇڏين، انهن والدين کي دوکو ڏئي، جواني جي لذت لاءِ اهڙا ڪلور ڪندڙ اولاد والدين ۽ اولاد جي وچ ۾ نفرتن جو ڄار وڇائين ٿا. دعا زهرا جي انهي قدم سندس ڀيڻن سميت ٻين ڪيترين ئي عزيز ڇوڪرين جي تعليم جي راهه ۾ رڪاوٽ وڌي هوندي؟ انهي عمل سماج ۾ هر ڌيءَ کي والدين جي آڏو شرمندو ڪري ڇڏيو آهي، ڇا اسين والدين انهي ڪري ٿا پنهنجي اولاد جي هر خواهش جو خيال رکون ته اهو جڏهن جسماني طور بلوغت جي حد تي پهچي ته والدين کي ٿڏي پنهنجي نئين راهه جو راهي ٿي وڃي؟ نه رڳو دعا زهرا پر انهي نوجوان جي عمر ۽قد ڪاٺ به قابل رحم آهي، ڇا انهي جا والدين پنهنجي سيني ۾ والدين واري دل نٿا رکن؟ انهن جي گهر جيڪڏهن هڪ معصوم ڇوڪري پهتي ته انهن کين شادي جي رشتي ۾ پنهنجي پٽ سان ڳنڍائڻ بدران انساني بنيادن تي انهي ڇوڪري جي ڪائونسلنگ ڇو نه ڪئي ۽ ڇو انهي ڇوڪري کي نه رڳو پناهه ڏئي پنهنجي پٽ سان شادي ڪرائي پر کين ڪيترن ئي ڏينهن تائين روپوش بڻائي ڇڏيو؟ ڇا اهي انهي سماج جو حصو ناهن؟ انهن جي گهرن ۾ انهي عمر جون ڇوڪريون نه هونديون؟ جيڪڏهن هونديون ته دعا زهرا کي ان قسم جي عمل ۾ ساٿ ڏيڻ سان اهي والدين پنهنجي اولاد جي ڪهڙي تربيت طرف وڃي رهيا آهن،

انهي ڪري ان قسم جو قدم کڻندڙ ڇوڪري هجي يا ڇوڪرو هجي ٻنهي جي والدين تي اها ذميواري ٿئي ٿي ته اهي ان قسم جي عمل جي حوصلا شڪني ڪن ۽ اولاد جي خواهشن جو خيال رکندي کين هميشه لاءِ گڏ رهڻ ۾ساٿ ضرور ڏين پر تڏهن جڏهن اهو اولاد پنهنجي پيرن تي بيهي سگهي، هن وقت دعا زهرا يا سندس ور ظهير ان قابل آهن جو اهي ڪٿي مسواڙ جي جاءِ وٺي اڪيلا رهي سگهن؟ پاڻ سنڀالي سگهن؟ دعا زهرا جي هن قدم کانپوءِ سمورن والدين کي پنهنجي اولاد جي تربيت جو هڪ دفعو جائزو ضرور وٺڻ گهرجي، باقي مائرون ته ٿينديون ئي ميڻ جهڙيون آهن، اهي اولاد ۾ خاص ڌيئرن جي جوان ٿيڻ بعد سندن شادي وقت ٿيندڙ رخصتي دوران به ڳوڙها لڪائي خوشي مان پيون روئنديون آهن ته ڪي مائرون بي وقتائي ڇڙواڳي جي ور چڙهي ويندڙ ڌيئرن جي گهران نڪرڻ تي پيون عدالتي احاطن ۾ روئنديون آهن، پر منهنجو ايمان آهي ته والدين جي دل آزاري ڪندڙ  ڪڏهن به سڪون سان نٿا رهي سگهن، انهي ڪري سماج جي هر فرد تي اهو لازم آهي ته پنهنجي والدين جي خدمت ڪن ۽ سندن خواهشن جو خيال رکندي، کين اهڙو ڪو به گهاءُ نه ڏين جو انهن والدين جي اندر جي آهه مان سندن مستقبل سورن ۾ پئجي وڃي.