لنڊن(انٽريسٽنگ نيوز) چمڙي  جي سار سنڀال  ۽ خوبصورتي لاءِ هونئن ته ڪيترائي بيوٽي پراڊڪٽس مارڪيٽ ۾ دستياب آهن، پر خوبصورت، بي داغ ۽ روشن جلد لاءِ عورتن جي اڪثريت گھريلو ٽوٽڪن تي يقين رکي ٿي. ماکي کي جلد لاءِ مثالي چيو ويندو آهي ڇو جو ان ۾ اهڙا جُز شامل آهن جيڪي جلد کي بهتر ڪرڻ ۾ ڪم جا هوندا آهن. ماهر ماکي جا ڀرپور غذائي جُز، انزائمر ۽ اينٽي آڪسيڊنٽ خاصيتن سبب روز مرهه جي اسڪن ڪيئر ۾ ماکي کي انهن فائدن سبب استعمال ڪرڻ تي زور ڏيندا آهن. ماکي ۾ اينٽي بيڪٽيريل ۽ اينٽي سوڄ خاصيتون هونديون آهن جيڪي موهيڙن ۾ گھٽتائي آڻينديون آهن. ماکي کي سڌي ريت پنهنجي جلد تي لڳائڻ سان موهيڙن مان متاثر جلد کي سڪون ڏيڻ ۾ به مدد ملي سگھي ٿي. جڏهن ته ماکي ۾ اينٽي آڪسيڊنٽس هوندا آهن جيڪي جلد ۾ ڪوليجن جي پيداوار کي وڌائڻ  ۾ مدد ڪندا آهن. ماکي ۾ اهڙا انزائم هوندا آهن جيڪي اوهان جي کَلَ کي هموار بيهڪ ۽ چمڪندڙ ظاهري شڪل ڏيندا آهن. ماکي لڳائڻ نه رڳو فائديمند آهي پر ماکي کائڻ سان به اوهان جي کَلَ لاءِ ڪيترائي فائدا آهن. اها اوهان جي کَلَ کي هائڊريٽ ڪندي اهي، ڪولاجن جي پيداوار کي وڌائيندي آهي، موهيڙن کي گھٽائيندي آهي ۽ کَلَ جي بيهڪ کي بهتر بڻائيندي آهي.ماکي کي پنهنجي غذا ۾ شامل ڪرڻ گھڻو سولو آهي،