ميڪسيڪو سٽي (م ڊ) ميڪسيڪو سٽي ۾ ٻه ننڍڙا عجيب لاش مليا آهن، جيڪي ميڪسيڪو سٽي جي ڪانگريس ۾ سياستدانن آڏو پيش ڪيا ويا، جنهن جي باري ۾ دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته اهي ٻي دنيا جي خلائي مخلوق جا لاش آهن. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب لاشن کي ڪوسڪو، پيرو مان دريافت ڪيو ويو آهي. انهن لاشن کي خلائي دنيائن جي محقق جمي موسان پيش ڪيو آهي ۽ ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته اهي ممي ٿيل نمونا اسان جي زميني ارتقا کان منهن موڙڻ جي نمائندگي ڪن ٿا. ايتري تائين جو انهن جي ڊي اين اي جو تقريباً هڪ ڀاڱي ٽي حصو پر اسرار آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اهي نمونا اسان جي زميني ارتقا سان تعلق نٿا رکن. هي ڪنهن خلائي اڏام کٽولي جي حادثي کان پوءِ ديافت ناهن ٿيا پر اهي ڊائي اي ٽم (ايلگي) جي کاڻين ۾ مليا هئا ۽ پوءِ جيواشم بڻجي ويا. ياد رهي ته جيمي موسان اڳ به اهڙيون دعوائون ڪري چڪو آهي جيڪي غلط ثابت ٿيون آهن.