ڪراچي/ ڄامشورو/ نوابشاهه/ لاڙڪاڻو (نمائندن وٽان) سنڌ جي ميڊيڪل ڪاليجن ۽ مادرعلمين ۾ ايم بي ابي ايس ۽ بي ڊي ايس جي 4790  سيٽن تي داخلائن لاءِ  ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي جي انتظامن هيٺ ٻيهر ايم ڊي ڪيٽ  ٽيسٽ ڪرائي وئي ، صوبي جي سمورن سينٽرن تي ٿيل ٽيسٽ ۾41 هزار اميدوارن حصو ورتو، ڪراچي واري ايڪسپو سينٽر ۾ 15، لمس ڄامشوري ۾ 13، شهيد بينظيرآباد ۾ 4 ۽ لاڙڪاڻي ۾ 9 هزار اميدوار پهتا هئا،  صحت جي نگران وزير ڊاڪٽر سعد خالد نياز ۽ ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر سعيد قريشي ڪراچي  ايڪسپو سينٽر  پهچي انتظامن جو جائزو ورتو، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي نگران وزير چيو ته ايم ڊي ڪيٽ جي سمورن سينٽرن تي اميدوارن کي ڏنل سهوليتن جو جائزو ورتو آهي، اميدوارن جي والدين جي ويهڻ لاءِ  الڳ انتظام ڪيو ويو آهي، ان موقعي تي صوبائي وزير اميدوارن جي والدين سان ملاقات ڪري کانئن سهوليتن بابت ڄاڻ به ورتي. صوبائي وزير چيو ته سپريم ڪورٽ جو آرڊر هو ته ايم ڊي ڪيٽ جي ٻيهر ٽيسٽ ورتي وڃي، ميرٽ تي داخلائن کي نظر ۾ رکندي اهڙو فيصلو ڪيو ويو، هن چيو ته 41 هزار اميدوارن جو هڪ ئي وقت وقت امتحان وٺڻ ڏکيو ٽاسڪ هو پر بهترين انتظامن سان ٽاسڪ مڪمل ڪيو. هن چيو ته هن ڀيري پيپر آئوٽ ٿيڻ واري معاملي کي به سختي سان نظر ۾ رکيو ويو، اطلاع مليا آهن ته هن ڀيري پرچو آئوٽ ناهي ٿيو، ڪجهه  سينٽرن  ۾ ڪجهه اميدوار دير سان پهتا هئا، جنهن مان سندن غير سنجيدگي ظاهر ٿئي ٿي. هن چيو ته منهنجو خيال آهي ته وڌيڪ سينٽر قائم ڪرڻ سان پيپر آئوٽ ٿيڻ جا امڪان وڌيڪ هوندا آهن. هوڏانهن شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻي سان سلهاڙيل چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي 250، غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج سکر جي 100، بي بي آصفه ڊينٽل ڪاليج لاڙڪاڻي جي 50، خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جي 100 ۽ گمبٽ ميڊيڪل ڪاليج جي 100 سيٽن تي داخلا لاءِ پوليس ٽريننگ اسڪول لاڙڪاڻو ۾ ٽيسٽ ورتي وئي، جنهن لاءِ سينٽر کي 17 زون ۾ ورهائي 425 بلاڪ ٺاهيا ويا هئا، انٽري ٽيسٽ دوران سيڪيورٽي جا انتهائي سخت انتظام ڪيا ويا هئا مختلف هنڌن تي سي سي ٽي وي ڪيميرائون لڳائڻ سان گڏ سينٽر جي مک داخلي دروازي تي واڪ ٿرو گيٽ لڳائي ليديز ۽ مرد پوليس اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو، صحافين، فوٽوگرافرن، ڪيميرامينن سان گڏ غير واسطيدار ماڻهن جي اچڻ وڃڻ تي مڪمل طور پابندي لڳائي وئي هئي،