ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) سنڌ جي نگران سرڪار پاران ميڊيڪل  ڪاليجن ۽ مادر علمين  ۾ داخلا ۽ ٽيوشن فين ۾ اضافي تي غور، فين ۾ واڌاري لاءِ سمري سنڌ ڪابينا کي موڪلڻ جو فيصلو، ان ڏس ۾ سنڌ جي صحت واري نگران وزير سعد خالد نياز ڪالهه ايڪسپو سينٽر ۾ ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ جي دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 7 سالن کان ميڊيڪل ڪاليجن ۽ مادر علمين جي فين ۾ اضافو ناهي ٿيو، هن وقت ميڊيڪل ڪاليجن جي ماهوار في 3 هزار کان به گھٽ آهي، جيڪا مونٽسري ( ڪي جي) جي شاگردن کان گھٽ آهي، هن چيو ته ميڊيڪل ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي سربراهن  فين ۾ واڌ جو مطالبو ڪيو هو، هن چيو ته لازمي ناهي ته في ۾ اضافو ڪيو وڃي پر اضافو ڪرڻ جائز آهي، هن چيو ته فين ۾اضافي واري سمري سنڌ ڪابينا حوالي ڪئي ويندي، جنهن تي سنڌ ڪابينا فائنل فيصلو ڪندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جناح ميڊيڪل ورسٽي جي نگراني ۾ اڳ ۾ ڪرايل ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ دوران پيپر آئوٽ ٿيڻ  واري مامري جي جاچ ايف اءِ اي حوالي ڪئي وئي آهي، ايف آءِ اي جي حتمي رپورٽ اچڻ تائين ذميوارن  توڙي سزائن جو تعين ڪرڻ وقت کان اڳ هوندو.