ميڊيڪل جي ٽيسٽ ۾ ڪاپي ۽ اسان جو تعليمي معيار

0
121
خطرناڪ هٿيار ڳوٺن ۾ ڪيئن پهتا؟

خبرون آهن ته ملڪ ۾ ميڊيڪل ڪاليجن ۾ داخلائن لاءِ ايم ڊي ڪيٽ جي امتحان ۾ پيپر آئوٽ ڪرڻ جو منصوبو ناڪام بڻايو ويو هو ۽ ڪيترن ئي شاگردن کي گرفتار ڪري انهن تي ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. ايم ڊي ڪيٽ دراصل ميڊيڪل ڪاليجن ۾ داخلا لاءِ انٽري ٽيسٽ آهي. ڪراچي، لاهور، پشاور ۽ ڪوئيٽا سميت ملڪ جي 31 شهرن ۾ ٿيندڙ ان ٽيسٽ ۾ هڪ لک اسي هزار شاگرد ويٺا. پشاور ۾ خفيه بليو ٽوٿ ڊوائيسز ذريعي چِيٽنگ جي ڪوشش ڪندڙ شاگردن کي پڪڙيو ويو آهي. جن ۾ 20 شاگردياڻين سميت 43 شاگردن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. خيبر پختونخوا ۾ اعليٰ تعليم جي سيڪريٽري انيلا محفوظ دراني موجب، اطلاع مليو هو ته، هڪ گروهه خفيه بليو ٽوٿ ڊوائيسز ذريعي شاگردن ۽ شاگردياڻين کان لکين رپيا وٺي ٽيسٽ حل ڪرائڻ جي منصوبا بندي ڪري چڪو آهي، جيڪو، انيلا محفوظ دراني موجب: خصوصي چيڪنگ دوران عملي پنهنجي فون جو بليو ٽوٿ آن ڪري شاگردن وٽ بليو ٽوٿ ڊوائيسز جو پتو لڳايو ۽ شاگردن کي پڪڙيو ويو.

دُنيا آرٽيفيشل انٽيليجينس (مصنوعي ذهانت) جي ميدان ۾ ڪونتل پئي ڪُڏائي، اسان جو پاڙيسري ملڪ چنڊ تي پهچي ويو آهي پر اسان آهيون، جيڪي اڃا به ٽيڪنالاجيءَ کان هزارين نه به سهي، سوين صديون پوئتي ضرور آهيون. اسان، جي ٽيڪنالاجيءَ جو استعمال ڪريون ٿا ته اهو به ناڪاري مقصدن لاءِ، جيئن ڪالهوڪي ٽيسٽ ۾ چِيٽنگ لاءِ بليو ٽوٿ ڊوائيسز جو استعمال ڪيو ويو، جيڪو اڳ ئي پڪڙجي پيو ۽ شاگردن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. سُڌريل ملڪ پنهنجي سماج تي سيڙپ تعليم جي صورت ۾ ڪندا آهن پر اسان وٽ تعليم سان ڪهڙي حالت ڪئي وئي آهي، اها هر آئي ڏينهن سامهون ايندڙ واقعن مان منظر اچي رهي آهي. اسان وٽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ڄڻ ته ممنوع آهي. يونيورسٽيون اهليت کان خالي سرٽيفڪيٽ ورهائڻ جون فيڪٽريون بڻيل آهن. دُنيا جي يونيورسٽين جي سُڃاڻپ اُنهن جي تحقيق جي شعبي جي حوالي سان آهي ۽ اسان وٽ تحقيق رهي ئي ناهي. جيڪا تحقيق ٿئي ٿي، ان جو به ڪو معيار نه آهي. ڪيترائي معاملا آهن، بنياد پرستيءَ سميت، جيڪي جديد سائنسي تحقيق ۽ تعليم جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻيل آهن. اسان جي اسڪولن ۽ ڪاليجن جي تعليم جو ته ڪو معيار ئي نه آهي. جڏهن شاگرد ڪاپي ڪري ميڊيڪل جي شعبي ۾ ايندا ته اهي عوام جي صحت کي ڪٿي پهچائيندا، اهو سمجهڻ مشڪل نه آهي.

اسان جي ملڪ جي تعليمي ادارن ۾ سائنس به ڪلاس روم ۾ پڙهائي وڃي ٿي، جڏهن ته دُنيا ۾ سائنس ڪلاس ۾ پڙهائڻ کي ڏوهه سمجهيو وڃي ٿو. دُنيا جي سُڌريل ملڪن ۾ جديد گهرجن پٽاندڙ بهترين نصاب، ان جي تدريس لاءِ جديد تدريسي طريقا ۽ پوءِ هڪ بهتر امتحاني سرشتو هوندو آهي پر اسان جا پاليسي ساز اڃان تائين بهتر تعليمي پاليسي جوڙي نه سگهيا آهن ۽ سڄي ملڪ لاءِ هڪڙي ئي نصاب جي ضرورت تي سندرو ٻڌي بيٺل آهن. مطلب ته تعليم اسان جي ملڪ جي پاليسي سازن جي ترجيح ئي نظر نٿي اچي. اهڙين حالتن ۾ ظاهر آهي ته، شاگرد به چيٽنگ جو رستو اختيار ڪن ٿا. اسان اڳ به هنن ئي ڪالمن ۾ اها گهر ڪندا رهيا آهيون ته، ملڪ ۾ هڪ نصاب واري هوڏ ترڪ ڪري سمورن صوبن کي ڇڏيو وڃي ته، اهي جديد تقاضائن موجب بهترين نصاب جوڙي جديد طريقن ذريعي ان جي تدريس جو انتظام ڪن ۽ امتحان جي سالياني سرشتي بدران بهترين سسٽم جي چونڊ ڪن ته جيئن تعليم جو معيار بهتر ٿئي ۽ شاگردن کي چيٽنگ جي ضرورت نه پوي. ملڪ جي پاليسي سازن کي اهو سوچڻ گهرجي ته ارڙهين آئيني ترميم کانپوءِ تعليم صوبائي سبجيڪٽ آهي ۽ ان ۾ مداخلت سان تعليم سُڌرڻ بدران وڌيڪ تباهه ٿيندي. ٻيو ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ کي جيڪڏهن اسان پنهنجي نصاب ۾ اولين ترجيح نٿا ڏيون ته پڻ اسان دنيا ۾ پوئتي رهجي وينداسين ۽ تيز رفتاريءَ جي هن دور ۾ دنيا سان گڏ نه هلڻ جي ڪري اسان ترقي جي راهن کان به تمام گهڻو پري ٿي وينداسين.