اسلام آباد (م ڊ) ميديا مٿان ٻڌڻي هيٺ ڪيسن جون خبرون هلائڻ تي پابندي لڳي وئي آهي. ان ڏس ۾ پيمرا  پاران ميڊيا هائوسز کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ڪنهن به ڪيس جو حتمي فيصلو اچڻ تائين ٽي وي چينلز عدالتي خبرون نه هلائين. ڪيسن بابت صرف اهي خبرون هلايون وڃن جيڪي عوام جي معلومات لاءِ هجن. ٻڌڻي هيٺ ڪيسن بابت پنهنجو رايو قائم ڪرڻ کان به پاسو ڪيو وڃي. ٻڌڻي هيٺ ڪيسن تي پروگرامن ۾ اهڙي ڳالهه ٻول نه ٿيڻ گھرجي جن سان ڪيسن تي اثر پوندو هجي.