ڍاڪا(اسپورٽس نيوز) پاڪستاني ڪرڪيٽر شعيب ملڪ جي ميچ فڪسنگ ۾ ملوث هئڻ وارين خبرن تي بنگلاديش پريميئر ليگ جي ٽيم فارچيون باريشال جي مالڪ جو بيان سامهون آيو آهي. پي بي ايل جي هڪ ميچ ۾ شعيب ملڪ بالنگ دوران مسلسل ٽي نوبالز هلايا هئا جنهن کانپوءِ نوبالز بابت ميچ فڪسنگ جا الزام سامهون آيا هئا. فرنچائز فارچيون باريشال جي مالڪ ميزان الرحمان پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته شعيب ملڪ خلاف ميچ فڪسنگ بابت هلندڙ خبرون بي بنياد آهن، شعيب ملڪ هڪ سٺو ڪرڪيٽر آهي، هن اسان جي ٽيم لاءِ بهترين راند جو مظاهرو ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته شعيب ملڪ هڪ سينيئر ڪرڪيٽر آهي، اسان کي سندس عزت ڪرڻ گهرجي ۽ هو عزت لهڻي ٿو. واضح رهي ته شعيب ملڪ ٽي ڏينهن اڳ پي بي ايل جي ميچ کيڏڻ کانپوءِ بنگلاديش کان ٽي ٽين ليگ کيڏڻ کانپوءِ يو اي ايِ هليوويو . ٻئي پاسي شعيب ملڪ جي ٽيم فارچيون باريشال جي ترجمان جو چوڻ آهي ته شعيب ملڪ کي ايندڙ ميچ کان اڳ واپس اچڻو هو پر هاڻ هن ٻڌايو ته آهي ته هو چار فيبروري تي ايندو، تنهنڪري ٽيم مئنيجمينٽ شعيب ملڪ کي ايندڙ ميچون نه کيڏائڻ ئي بهتر سمجهي ٿي.