اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) بنگلاديش ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ گروپ اي جي ميچ جاري هئي ته شلوار قميص پهريل نوجوان ميدان ۾ ڪاهي پيو جنهن کي تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي اڳواڻ سعد رضوي جي تصوير کنيل هئي. همراهه کي ڏسي ڪيوي رانديگر رچن رويندرا پري ڀڄي ويو ۽ سڪيورٽي اهلڪارن پهچي همراهه کي پڪڙي ورتو. پوليس نوجوان جي سڃاڻپ عبدالقيوم جي نالي سان ڪئي ۽ کيس مقامي عدالت ضمانت تي آزاد ڪري ڇڏيو. پوليس موجب نوجوان دوستن سان آيو هو ۽ پسند جي رانديگرن کي شاباشي ڏيڻ لاءِ آيو هو. هن ڄاڻي واڻي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪئي، ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. واقعي کانپوءِ سڪيورٽي پلان تي نظرثاني ڪئي آهي. ميدان ۾ موجود پوليس اهلڪار موجب نوجوان کي سندس ئي دوستن اها تصوير ڏني هئي ته هي مولوي جي تصوير کڻي وڃ وائرل ٿي ويندين. هوڏانهن پي سي موجب ميدان ۾ تماشائي ڪاهي پوڻ جو واقعو ٻيهر نه ٿيندو. هنن سڪيورٽي ڀڃڪڙي جو نوٽيس ورتو آهي، مقامي سڪيورٽي ايجنسين سان رابطو ڪيو ويو آهي، سڪيورٽي اهلڪارن جو انگ وڌايو ويندو ۽ مضبوط انتظام ڪيا ويندا. پڌرائي موجب ان شخص تي سڄي پاڪستان جي ڪرڪيٽ ميدانن ۾ داخلا تي پابندي هوندي.