سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر نائين کان ٻارهين جماعت جي شاگردن کان امتحاني فيس نه وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، گذريل ڏينهن ان حوالي سان درخواست جي ٻڌڻيءَ دوران عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته جن اميدوارن کان امتحاني فيس وصول ڪئي وئي آهي، انهن کي واپس ڪئي وڃي، رمارڪس ۾ وڌيڪ چيو ويو ته جيڪڏهن عملدارن عدالتي حڪم تي عمل نه ڪيو ته سندن خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي ويندي. استاد پنهنجي مسئلن تي عدالت سان رابطو ڪن ٿا پر تعليم جي بهتريءَ لاءِ ڪڏهن به استادن جون  تنظيمون عدالت ناهن آيون. سنڌ هاءِ ڪورٽ بئنچ سکر ۾ استادن جي تنظيم طرفان شاگردن کان امتحاني فيس وٺڻ خلاف درخواست داخل ڪئي وئي هئي، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته امتحاني فارم جمع ڪرائڻ وقت سرٽيفڪيٽ، اسپورٽس ۽ اسڪائوٽ جي مد ۾ 2700 رپيا فيس ورتي پئي وڃي.