پاڪستان ۾ کوڙ سارن ادارن ۾ ٽي سال ٽيڪنيڪل ڊپلوما ڪندڙ نوڪريون وٺندا آهن، جنهن ۾ سنڌين جو تعداد نه هجڻ برابر آهي.سنڌ جي تقريبن هر ضلعي ۾ ٽيڪنيڪل ڪاليج هوندو آهي جتي اليڪٽريڪل، مڪينيڪل، انسٽرومينٽيشن سميت ٻين فيلڊس ۾ به ٽن سالن جو ٽيڪنيڪل ڊپلوما ڪرايو ويندو آهي. بدقسمتي سان سنڌ ۾ ڊپلوما جو سرٽيفڪيٽ ته ملي ويندو آهي پر سکڻ سيکارڻ جو ڪو خاص ڪم نه آهي هوندو.ڪو انجينئرنگ ڪرڻ چاهي ته ضرور ڪري پر انجينئرنگ ۾ سليڪشن نه صرف ڏکي ٿي وئي آهي پر مهانگي به ٿي وئي. هن وقت هزارين انجنيئر بي روزگار آهن، ان ڪري جيڪي دوست معاشي طور تي مضبوط نه آهن اهي مهرباني ڪري ميٽرڪ کان پوءِ ٽيڪنيڪل ڊپلوما ڪن.
انهن ٽن سالن ۾ جيترو ٿي سگهي اوهان پنهنجي فيلڊ ۾ مهارت حاصل ڪرڻ سان گڏ فيلڊ سان لاڳاپيل پرائيويٽ ڪم به سکو. منهنجي حساب سان هي هڪ آسان طريقو آهي ٽيڪنيڪل تعليم حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ سائنس ۽ انجينئرنگ جي ادارن ۾ نوڪري حاصل ڪرڻ جو.سنڌ ۽ پاڪستان ۾ سوين اهڙا ادارا آهن جتي باقي صوبن جا ڊپلوما هولڊر آرام سان نوڪريون وٺندا آهن. پاور پلانٽس کان ويندي آئل گيس فيلڊس، ريلوي کان وٺي مينيوفيڪچرنگ انڊسٽريز تائين ڊپلوما هولڊرس جون هزارين نوڪريون هونديون آهن.وفاقي اداري ۾ ٿي سگهي ٿو ته ٻه اکيائي ٿيندي هجي پر يقين ڪريو ته جيڪڏهن اوهان قابل آهيو ته اوهان جو رستو ڪوبه نه ٿو روڪي سگهي.جيڪڏھن اوھان ڪنهن چڱي پرائيويٽ اداري ۾ ڪجھه سال ڪم ڪري تجربو حاصل ڪري ٿا وٺو ته اوهان دبئي سعودي ۾ به نوڪري وٺي سگهو ٿا.