لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻو تعليمي بورڊ جي نگراني هيٺ نائين ۽ ڏهين جماعت جا ساليانا امتحان جاري آهن، امتحانن جي سلسلي ۾ ڪالهه ڏهين جماعت جي انگريزي جو پرچو ٿيو، جيڪو معمول موجب وقت کان اڳ آئوٽ ٿي ويو، جڏهن ته امتحاني سينٽرن ٻاهران وڏي تعداد ۾ موجود اميدوارن جا مٽ مائٽ، دوست توڙي واسطيدار ڪاپي موڪليندا رهيا، ٻئي پاسي انتظاميا طرفان قلم 144 لاڳو هئڻ باوجود شهر اندر فوٽو اسٽيٽ مشينن جا دوڪان کليل رهيا، هوڏانهن تعليمي بورڊ لاڙڪاڻو ۽ تعليم کاتو لاڙڪاڻو طرفان ڪاپي کي روڪڻ لاءِ جوڙيل وجيلنس ٽيمن لاڙڪاڻو، قمبر شهدادڪوٽ، شڪارپور، جيڪب آباد ۽ ڪشمور ڪنڌڪوٽ سميت دادو ضلعي جي ٻن تعلقن خيرپور ناٿن شاهه ۽ ميهڙ جي مختلف امتحاني سينٽرن جو دورو ڪري 64 اميدوارن کي ڪاپي ڪيس ۽ 53 متبادل اميدوارن کي سوگهو ڪري سينٽرن مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو.