ميٺارام هاسٽل حڪومت کي موٽائي ته اها وڪڻي ڇڏيندي: ميٺارام جو روح ڇا چوندو؟ هاءِ ڪورٽ

0
23
گم ٿيل ماڻهن وارو ڪيس: سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ ٻُڌڻي 16 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي
گم ٿيل ماڻهن وارو ڪيس: سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ ٻُڌڻي 16 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي

ڪراچي (رپورٽ: عرفان شاهه) سنڌ هاءِ ڪورٽ اويڪيو ٽرسٽ پراپرٽي  کان رينجرز جي استعمال هيٺ ميٺا رام هاسٽل جي ملڪيت ۽ حيثيت بابت به رپورٽ طلب ڪندي ڌرين کي 19 ڊسمبر تي جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڪالهه ٻڌڻي دوران جسٽس صلاح الدين پنهور پڇاڻو ڪندي چيو ته رينجرز وارا حراست ۾ ورتلن کي ڪٿي رکندا آهن، وٽن ڪا سب جيل آهي؟، جنهن تي  رينجرز جي پراسيڪيوٽر چيو ته سنڌ حڪومت دهشتگردي ايڪٽ تحت رينجرز کي ڪنهن به جوابدار کي 90 ڏينهن تائين تحويل ۾ رکڻ جا خاص اختيار ڏنا هئا، ساڳئي وقت ميٺا رام هاسٽل کي سب جيل قرار ڏنو هو، هن وقت  جوابدارن کي اتي ئي رکيو ويندو آهي، جنهن تي عدالت چيو ته ميٺا رام هاسٽل کي تعليمي مقصد لاءِ ٺهرايو، هن وقت ميٺا رام جو روح ڇا سمجهندو هوندو؟ ڇا حال هوندو سندس روح جو؟  رينجرز جي پراسيڪيوٽر چيو ته اسان ميٺارام هاسٽل  جڳهه کي وڌيڪ بهتر مقصد لاءِ استعمال ڪري رهيا آهيون، جنهن تي عدالت چيو ته تعليمي ادارا رينجرز کي نه ڏيڻ گهرجن، رينجرز پراسيڪيوٽر چيو ته امن امان جي خراب صورتحال سبب سنڌ حڪومت رينجرز کي طلب ڪيو هو، صوبائي حڪومت رينجرز کي مخصوص جڳهن تي رکيو آهي، اسان ميٺا رام هاسٽل سميت ٻين جڳهن کي اڳ کان بهتر حالت ۾ رکيو آهي، حڪومت وٽ ميٺارام هاسٽل کانسواءِ  ٻي ڪا به جڳهه ناهي، جيڪا اسان کي ڏئي، اسان وٽ به اهڙي ڪا  جڳهه ناهي، جتي جوابدار کي سالن تائين رکي سگهون، عدالت چيو ته ملڪ ۾ جهنگ جو قانون آهي،  اسان وري توقع ( اميد) پيا ڪريون ته گهڻو ڪجهه ڪنداسين،  ملڪ جو قانون ۽ سرڪاري ٻولي انگريزي ۾ آهي، جڏهن نظام وري قبائلي هلي رهيو آهي، اسان کي  چيو ٿو وڃي ته انصاف ڏيو،  اسين انصاف ڪيئن ڏيون? هتي چون ٿا ته اسانکي يورپ جهڙو ماحول ۽ پي ايڇ ڊي ٻار گهرجن، رينجرز جي پريسيڪيوٽر چيو ته قومي زبان اردو کي صرف 15 سيڪڙو ماڻهو سمجهندا آهن، جڏهن ته قانون انگريزي ۾ هوندي انهي ٻولي کي 5 سيڪڙو ماڻهو سمجهن ٿا،  عربي کي ته هڪ سيڪڙو ماڻهو به نٿا سمجهن، اسان کي ٻارن  کي پهرين انگريزي پو۽ سائنس پڙهائڻ گهرجي، رينجرز پراسيڪوٽر چيو ته رينجرز ميٺا رام هاسٽل  جي عمارت کي اصل حالت ۾ رکيو ويو آهي، عدالت چيو ته تعليمي مقصدن لاءِ جوڙيل عمارت کي ساڳئي  مقصد لاءِ استعمال ڪرڻ گهرجي، هاڻ اها عمارت حڪومت کي ڏني ويندي ته اهي وري وڪرو ڪري ڇڏيندا، جنهن تي رينجرز پراسيڪيوٽر چيو ته وڪرو نه ڪري سگهندا پر اهو خدشو آهي ته من پسند ماڻهن کي نه ڏني وڃي، جنهن تي عدالت چيو اسان اويڪيو ٽرسٽ کان عمارت جي حيثيت بابت پڇا ڪريون ٿا.