عمرڪوٽ(رپورٽر) ميونسپل ڪميٽي عمرڪوٽ جو اجلاس ميمبرن طرفان پاڻي جي کوٽ شھر جي صفائي نظام ترقياتي ڪم نه ٿيڻ سرڪاري اسپتال شھر کان ٻاھر منتقل ٿيڻ تي عوام کي ٿيندڙ مشڪلاتن سميت مختلف مسئلن تي شڪايتون تفصيل موجب ميونسپل ڪميٽي عمرڪوٽ جو اجلاس چيئرمين خالد سراج سومرو جي صدارت ھيٺ ايم سي ھال ۾ ٿي گذريو جنھن ۾ وائس چيئرمين ڪمار ٽلواڻي چيف ميونسپل آفيسر سيد ساجد علي شاهه سميت ميمبرن شرڪت ڪئي، اجلاس کي خطاب ڪندي چيئرمين ميونسپل ڪميٽي خالد سراج سومرو چيو ته شھر جي مختلف مسئلن بابت جيڪي به ايم سي ميمبرن تجويزون ڏنيون آھن انھن تي عمل ڪندي عوام کي فوري طور تي رليف ڏنو وڃي ھن چيو ته ترقياتي ڪمن ۽ ھر ڪم جي لاء ڪميٽيون ٺاھيون ويون آھن، اجلاس دوران ڳالھائيندي ايم سي ميمبر برھان الدين ڪنڀر چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ صدر آصف علي زرداري کي خراج تحسين پيش ٿا ڪريون جن ڪئنالن وارو اشو ختم ڪرايو ان کان اڳ ۾ محترمه بينظير ڀٽو پڻ ڪالاباغ ڊيم کي رد ڪرايو ھن چيو ته اڳوڻي ايم اين اي مرحوم نواب محمد يوسف ٽالپر جون تمام گھڻيون خدمتون آھن خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، ميمبر ڊاڪٽر گھنشام راٺوڙ چيو ته مودي سرڪاري پھلگام واقعي جو الزام اسان جي ملڪ تي ڏيڻ جي مذمت ڪجي ٿي اسان ھر موڙ تي پاڪ افواج سان گڏ آھيون پي ٽي آءِ ميمبر ليکراج مالھي چيو ته سنڌ ۾ 20 سالن کان پ پ جي حڪومت آھي شھر جا حالات خراب لڳا پيا آھن، ايم سي ميمبر عبدالستار کوسو چيو ته شھر جو مک مسئلو پاڻي جو آھي، ميمبر ملڪا ولھاري چيو ته شھر ۾ ھن وقت حددخلين جو آزار ايترو ته وڌي ويو آھي جو ماڻھو ھلي به نٿا سگھن، نندلال مالھي چيو ته گذريل بجيٽ ۾ ايمرجنسي جي صورت ۾ اسڪالرشپ جي مد ۾ شاگردن جي لاءِ رقم رکي ويئي ھئي جيڪو استعمال نه ٿي سگھي آھي اُھي شاگردن کي ڏنا وڃن شھر جي آبادي وڏي آھي ۽ صفائي عملي جي کوٽ آھي جنھن کي ختم ڪئي وڃي ھن سنڌو تي ڪئنالن جي اڏاوت خلاف ۽ ڪارپوريٽنگ فارمنگ ذريعي زمينون ڏيڻ خلاف درياءَ بچايو ڪميٽي جي ڪامياب جدوجھد تي قرارداد پيش ڪندي کين سلام پيش ڪيو اجلاس دوران وائس چيئرمين ڪمار ٽلواڻي چيف ميونسپل آفيسر سيد ساجد علي شاهه ڊاڪٽر چيتن وينداڻي، دليپ مولچنداڻي اسحاق ڪنڀر، ايم سي ميمبر شوڪت اڌيپوري، سميت ٻين پڻ ڳالھائيندي شھر جا مختلف مسئلا بيان ڪيا.