اسلام آباد(بيورو رپورٽ) صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير جي صدارت هيٺ شگر ايڊوائيزري بورڊ جو اجلاس ٿيو، سمورن صوبن جي چيف سيڪريٽرين کي ميونسپل سطح تي کنڊ جا اسٽال لڳائڻ جي هدايت ڪئي وئي. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته صوبائي حڪومتن جي سهڪار سان سنڌ ۾ کنڊ جا 230 اسٽال لڳايا ويندا. خيبرپختونخوا ۾ کنڊ جي اسٽالن لاءِ 405 سيلنگ پوائنٽس جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. پنجاب ۽ بلوچستان ۾ به کنڊ جا سوين اسٽال لڳايا ويندا. صوبائي حڪومتن کي ميونسپل سطح تي سيڪيورٽي، صفائي سٿرائي ۽ ميونسپل مينيجمينٽ جون ذميواريون ڏنيون ويون آهن. واپاري واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته 27 رمضان المبارڪ تائين اسٽالن تي کنڊ جي بنا ڪنهن وقفي جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو، وفاقي حڪومت ڪنهن به امڪاني مسئلن جي حل لاءِ ڪاميٽي ٺاهيندي. ميونسپل سطح تي اسٽال لڳائڻ جو مقصد عام ماڻهن کي فائدو پهچائڻ آهي، اسٽالن تي کنڊ 130 رپيا في ڪلو وڪرو ٿيندي.