جمال شاهه(ن پ ا) جمال شاھ، قاضي احمد ۽ آس پاس جي فنڪارن آل سنڌ ميوزڪ ٽيچرز جو جوائننگ آرڊر نه ملڻ خلاف صوفي راڳي ڪامران چانڊيو ۽ بادشاھ بوزدار جي اڳواڻي ۾ صدر آصف علي زرداري جي ڏاڏَي جي مزار بالو جا قبا تي احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ پهتا ته درگاھ تي موجود پوليس اهلڪارن کين درگاھ اندر وڃڻ کان روڪي ورتو، راڳين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت فنڪارن کي جوائننگ آرڊر ناهي ڏنو، جنهن ڪري بالو فقير جي درگاھ تي دانهن کڻي آيا آھيون، پر انتظاميا درگاھ اندر ناهي ڇڏيو، هنن مطالبو ڪيو ته جوائننگ آرڊر ڏئي مسئلو حل ڪيو وڃي.