ميهڙ (ن پ ا) سنڌ ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ ۾ 33 کان 39 مارڪون کنيل اميدوارن آصف کوسو ، افضل شاهه، نديم سولنگي، اشفاق چانڊيو، شعيب ناريجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ گهنٽا گهر چوڪ کان نيشنل پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي مظاھرو ڪيو ويو، مظاھرين استادن جي ڀرتين ۾ ٻٽي پاليسي اختيار ڪرڻ خلاف زوردار نعريبازي ڪئي، ھنن چيو ته اسين چئن سالن کان استادن جي ڀرتين ۾ سنڌ سرڪار جي ناانصافين ۽ ٻٽي پاليسي خلاف سراپا احتجاج بڻيل آھيون، حڪومت ڪو به نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار نه آھي، ھنن چيو ته ھڪ ئي ٽيسٽ ڏيندڙ اميدوارن کي ٻن گروپن ۾ ورھائي ھارڊ ايريا ڄاڻائي پنھنجا من پسند ماڻھو مقرر ڪيا ويا آھن، جيڪا سراسر ناانصافي آھي ھنن مطالبو ڪيو ته اسان 33 کان 39 مارڪون کڻندڙ اميدوارن کي به آفر آرڊر ڏئي اسان جا مطالبا تسليم ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ انصاف نه مليو ته پنھنجون تعليمي ڊگريون ساڙي ڇڏينداسين.