ميھڙ (ن پ ا) اصغريه پاڪستان پاران سيف فائونڊيشن ڪئناڊا ، حسيني فائونڊيشن پاڪستان جي تعاون سان ميھڙ ۾ اجتماعي شاديون ڪرايون ويون. ٻوڏ متاثر ڳوٺن ماڏو، ڇٽو ميرواڻي، فريدآباد، لونگ تنيو، سيالڪي، اگھاماڻي، گوزو ۽ ٻين ڳوٺن مان 15 جوڙن جون شاديون ميھڙ جي مقامي شادي ھال ۾ ڪرايون ويون. جتي ھر جوڙي کي 50 ھزار رپين جو ڏاج ڏنو ويو. ڳوٺن مان گھوٽ ۽ ڪنوار جي سينگارجي ميھڙ جي شادي ھال پھتا جتي سندن نڪاح ڪرايا ويا ان موقعي تي تنظيم جي اڳواڻن اصغريه پاڪستان جو اڳواڻ عبدالرزاق بلوچ ، فضل حسين اصغري، مولانا عابد علي عرفاني ، اسماعيل مھدوي ، احسان علي اصغري ، جبران دانش کوسو ، عبدالقدير کوسو ، حبيب حضوري ، امير علي حيدري ، عبدالرشيد محسني ،  عبدالڪبير ، امتياز علي کوسو ۽ ٻين چيو تہ ٻوڏ ۽ مھانگائي سبب ماڻھو پريشان آھن ڏاج جا پئسا نہ ھجڻ سبب ڪيترين ئي نياڻين جون شاديون نہ پيون ٿين اسان مخير حضرات جي تعاون سان ميھڙ جي مختلف ڳوٺن مان غريب مسڪين نياڻين جي لسٽ ٺاھي شادين جو بندوبست ڪيو آھي تہ جيئن ھڪ سٺو پيغام ڏجي ۽ معاشري مان فرسودہ رسمن جو خاتمو آڻي سگھجي ھن چيو تہ اسان جي ڪوشش آھي تہ اسان وڌيڪ نياڻين جون اجتماعي شاديون ڪرايون.