ميھڙ (ن پ ا) ميھڙ گاجي کھاوڙ روڊ تي دڪان ۾ گيس سلينڊر ڌماڪي سان ڦاٽي پيو، دڪان تي مزدوري ڪندڙ ڳوٺ لونگ تنيو واسي عابد تنيو زخمي ٿي پيو، جنھن کي نازڪ حالت ۾ تعلقي اسپتال ميھڙ آندو ويو، جتان کيس لاڙڪاڻو اسپتال منتقل ڪيو ويو، وارثن موجب نوجوان ويلڊنگ جي دڪان تي مزدوري ڪندو آھي، ڊاڪٽرن موجب نوجوان جي جسم جو وڏو حصو متاثر ٿيو آھي.