ميهڙ(ن پ ا) ميهڙ جي مختلف ڪالونين مسافر پير ڪالوني، همدم ڪالوني ، بلاول ڪالوني، جي رهواسين فضل علي شاھ، عجب گل سولنگي، وقار سولنگي ، محمد يوسف جتوئي ، شهزادو سولنگي ،وزير علي ڀٽو، عبدالستار، شمن علي چانڊيو ، روشن علي چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ميھڙ سوئي گئس آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو ان موقعي تي ھنن نيشنل پريس ڪلب ميھڙ جي صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته گذريل ڪيترن ئي مهينن کان ميهڙ گئس انتظاميه وارا هٿرادو لوڊشيڊنگ ڪري پريشان ڪري رهيا آهن گئس هلي به نٿي ۽ بل به ٻيڻا اچن ٿا، ڪنيڪشن خراب ٿيل آهن ته ٺاهي نه ٿا ڏنا وڃن، چيو وڃي ٿو ته اوهان پئسا ڏيو ته پائيپ کڻي اچون، پوءِ خراب ٿيل ڪنيڪشن ٺاهينداسين، اسان آفيس جا چڪر ڪاٽي ڪاٽي ٿڪجي پيا آهيون، هن وقت مجبور ٿي اسان گئس آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو آهي ته ميهڙ گئس آفيس وارن گيٽ کي تالا هڻي ڇڏيا آهن، اسان سوئي سندرن گئس انتظاميه ۽ اعلي ادارن ۾ ويٺل انسان دوست آفيسرن کي اپيل ٿا ڪيون ته اسانجي احتجاج جو نوٽيس ورتو وڃي گئس جي هٿرادو لوڊشيڊنگ ختم ڪري خراب پيل ڪنيڪشن ٺاهي ڏنا وڃن.