ميهڙ (ن پ ا) ميھڙ شھر ۽ آس پاس جي علائقن ۾ رولو ڪتن جو آزار وڌي ويو هڪ ڏينهن اندر مختلف علائقن ۾ ٻارڙن، عورتن سميت 46 ڄڻن کي ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري وڌو اسپتال آيل زخمين ۾ بيبي گلشاد، نورجھان، فوزيه، توفيق، ارشد، وزيران، عبدالاحد، نور محمد، وزير خان، سرفراز، غلام محمد، رشيد، ڪريم، علي ۽ ٻيا شامل آھن، زخمين کي تعلقي اسپتال ميھڙ آندو ويو جڏھن ته 8 کان وڌيڪ زخمين کي وڌيڪ زخم ھجڻ ڪري دادو اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي، جڏھن ته اسپتال آيل زخمين پاران انجيڪشن وقت تي نه ملڻ ۽ اسپتال ۾ ڊاڪٽر ۽ اسٽاف دير اچڻ جون شڪايتون ڪيون ويون. اسپتال ۾ موجود ڊيوٽي انچارج اسد منگي ٻڌايو ته روز جي بنياد تي ميھڙ تعلقي جي مختلف علائقن کان تقريبن 50 کان وڌيڪ ڪتي جا ڏاڙھيل زخمي مريض اسپتال اچن ٿا جن کي انجيڪشن ھنيون وڃن ٿيون ۽ وڌيڪ زخم ھجڻ ڪري ڪجھه زخمين کي ٻين اسپتالن ڏانھن منتقل ڪيو ويندو آھي ھن چيو ته اسان جي پوري ڪوشش آھي ته سمورن زخمين کي انجيڪشن وقت تي ھڻي سگھون ۽ اسين اھڙا ڪيس وڌي وڃڻ ڪري صحت کاتي کي پڻ لکيو آھي.