ميھڙ (ن پ ا) ميھڙ جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڪاسائي محلا ۾ ڪمانگر ۽ کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ پئسن جي ڏيتي ليتي تان جھيڙو ٿي پيو جنھن دوران ڌرين ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي جڏھن ته شھرين پاران پوليس کي اطلاع ڪرڻ تي ون فاءِ پوليس پھچڻ دوران جوابدارن پاران پوليس تي فائرنگ ڪري ڏني جنھن دوران گوليون لڳڻ سبب ون فاءِ تي ڊيوٽي ڪندڙ بسم الله’ ڪالوني ميھڙ جو رھواسي 52 ورھين جو پوليس اھلڪار بڪل نمبر 2577 ذوالفقار علي ترڪ شديد زخمي ٿي پيو جيڪو اسپتال نيندين فوت ٿي ويو آھي شھيد ٿيل پوليس اھلڪار جو لاش تعلقي اسپتال ميھڙ آندو ويو آهي پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جڏھن ته واقعي بعد پوليس جي وڏن اٽالن کي طلب ڪيو ويو آھي پوليس جھيڙيندڙ ڌرين جي گھرن کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو، ايس ايڇ او بي سيڪشن قربان قمبراڻي ۽ ون فاءِ انچارج سوڍل سولنگي موجب جوابدار حبدار کوسو ۽ ٻين عاشق ڪمانگر جي ڌر جي ساھريجن جي گھرن تي فائرنگ ڪئي، پوليس پھتي ته کوسا برادري جي جوابدارن پوليس تي فائرنگ ڪري ڏني گوليون لڳڻ سبب پوليس اھلڪار ذوالفقار ترڪ شھيد ٿي ويو، فوتي اھلڪار جي ڀاءُ محراب ترڪ ٻڌايو ته کوسا برادري جي جوابدارن فائرنگ ڪري ڏني جنھن سبب منھنجو ڀاءُ پوليس جمعدار ذوالفقار ترڪ شھيد ٿي ويو، شھيد ٿي ويل پوليس اھلڪار کي ٽن نياڻين ۽ ھڪ پٽ جو اولاد هو. ٻئي طرف بي سيڪشن ون فائيو ۽ سي آءِ اي پوليس جوابدارن جي گرفتاري لاء پيڇو ڪيو ته ڀٽي روڊ تي پوليس ۽ جوابدارن جي وچ ۾ مقابلو ٿي پيو آھي جنھن دوران گولي لڳڻ سبب سي آءِ اي اھلڪار صدام ڪلھوڙو سخت زخمي ٿي پيو. جنهن کي تعلقي اسپتال ميھڙ آندو ويو جتي کيس طبي امداد بعد کيس لاڙڪاڻي نيو ويو. ھوڏانھن ميھڙ پوليس مقابلي بعد واقعي ۾ ملوث 3 جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آھي جڏھن ته فائرنگ جو سلسلو پڻ ھلندڙ آھي