ميھڙ(ن پ ا) ڊگري ڪاليج ميھڙ ۾ يارھين ۽ ٻارھين ڪلاس جي داخلا ۾ ڪاليج انتظاميا پاران شاگردن کان مبينه طور اضافي فيس اوڳاڙڻ ۽ ڪاليج ۾ سھولتن جي کوٽ خلاف شاگردن اساما چانڊيو ، سرفراز کوسو غلام حسين ، عادل ، عرفان بشير، ياسين، نھال وڪو پاران ميھڙ جي ڊگري ڪاليج جي مک دروازي اڳيان انڊس ھاء وي تي احتجاج ڪيو ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ شاگردن نيشنل پريس ڪلب ميھڙ جي صحافين اڳيان دانھيندي چيو ته ڪاليج انتظاميا نئين تعليمي سال جي شروعات ۾ ئي شاگردن کان مختلف بھانا بڻائي اضافي فيس اوڳاڙي رھيا آھن ھنن چيو ته اسان مزدور مسڪينن جا ٻار آھيون ھزارين روپيا ڪٿان آڻيون ڪاليج انتظاميا غريب شاگردن سان ظلم پئي ڪري ھنن چيو ته ڪاليج ۾ پاڻي ، بجلي ۽ ٻين سھولتن جي کوٽ آھي جڏھن ته شاگردن کي ڪتاب به مڪمل نه ٿا ڏنا وڃن ڪاليج انتظاميا ھفتي اندر شاگردن جا مسئلا حل نه ڪيا ته انڊس ھاء وي تي ڌرڻو ھڻنداسين ھنن سنڌ حڪومت کان ڪاليج انتظاميا جي ناانصافين جو نوٽيس وٺي شاگردن سان انصاف ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آھي