ميھڙ (ن پ ا) ميھڙ ۾ ڊرگ انسپيڪٽر فيصل تنيو بروھي شاپنگ سينٽر ۾ ماشاءَالله ميڊيڪل اسٽور جي گدام تي ڇاپو هڻي ھڪ سئو کان وڌيڪ دوائن سان ڀريل ڪارٽون ھٿ ڪري ورتا. ڊرگ انسپيڪٽر فيصل تنيو  موجب اڻ رجسٽرڊ، جعلي، سرڪاري ۽ پابندي پيل دوائن جي باري ۾ اطلاع ملڻ بعد ڇاپو ھڻي دوائون ضبط ڪيون آھن، شڪ آھي ته دوائون نقلي آھن، گدام اڻ رجسٽرڊ آھي گدام ۾ لائيٽ سميت ڪا به سھولت ناھي، دوائون اسٽور ڪرڻ لاءِ به اي سي سميت لاڳاپيل ايس او پي به ناھي جانچ بعد وڌيڪ ڪاروائي ڪئي ويندي ۽ گدام مان ھٿ آيل دوائن ۾ سرڪاري ، جعلي ھجڻ جو شڪ آھي ضبط ڪيل دوائن جي ليبارٽري ۾ ٽيسٽ ڪئي ويندي. اسٽور مالڪ ارشد شيخ ۽ مزدور ڊرگ انسپيڪٽر کي منٿون ڪندا رھيا جڏھن ته ڊرگ انسپيڪٽر پاران گدام کي پڻ سيل ڪري ڇڏيو آھي