ميهڙ (ن پ ا) ڀٽ شاهه کي تعلقي جو درجو ڏيڻ لاءِ ميهڙ ۾ ڀٽائي جي چاهيندڙن ناظم خان چانڊيو ، حيدر بخش تنيو ، علي دوست ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نيشنل پريس ڪلب ميهڙ آڏو  احتجاج ڪيو هنن ڀٽ شاه کي تعلقو درجو نه ملڻ خلاف نعريبازي ڪئي اڳواڻن چيو آھي ته ڀٽ شاه تاريخي ۽ قديمي شھر آھي  ڀٽائي سرڪار سڄي دنيا ۾ مشھور آھي سندس چاهيندڙ سڄي دنيا مان ماڻھو اچن ٿا پر افسوس جو کيس هن وقت تائين تعلقي جو درجو ناهي مليو ڀٽ شاه تمام وڏو علائقو آھي پر سرڪار کيس مسلسل نظر انداز ڪري رهي آھي قديمي ۽ تاريخي شهر کي هن وقت تائين تعلقي جو درجو ملي ناهي سگهيو. ھنن وڏي وزير ۽ سنڌ سرڪار کان گهر ڪئي آھي ته ڀٽ شاه کي تعلقي جو درجو ڏنو وڃي.