ميهڙ (ن پ ا) ميھڙ پنج ڏينھن اڳ اياز ڪالوني ۾ پراسرار طور فوت ٿي ويل پيرسن محمد اسماعيل نوناري واري واقعي بابت فوتي پيرسن جي وارثن ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي. فوتي پيرسن جي ٻن ڀينرن ۽ ڀاءُ پيرسن کي سندس پٽ ۽ پوٽي پاران ملڪيت جي ورھاست ۽ پيسن جي ڏيتي ليتي تان گھٽا ڏئي مارڻ جو انڪشاف ڪيو آھي. ھوڏانھن فوتي پيرسن جي پٽ، ڌي ۽ ٻين وارثن پاران ٻن ڀينرن ۽ ڀاءُ پاران لڳايل قتل واري الزامن کي رد ڪندي فوتي جي ٻن ڀيڻن ۽ ڀاء مٿان ملڪيت مان حصو گھرڻ تحت قتل ۾ ڦاسائڻ جا الزام مڙهي ڇڏيا آھن. فوتي پيرسن جي پراسرار نموني موت ۽ مختلف چوبول گردش ھيٺ ھجڻ بعد ميھڙ اي سيڪشن پوليس به ڪا ڪاروائي نه ڪري سگھي. فوتي پيرسن محمد اسماعيل نوناري جون ٻه ڀينرون مسمات اسلام خاتون ، مسمات سڀل خاتون ۽ پيرسن ڀاء غلام محمد نوناري نيشنل پريس ڪلب ميھڙ پھچي احتجاج ڪندي دانھيو ۽ الزام ھڻندي چيو ته اسان جي ڀاء محمد اسماعيل نوناري کي پيسن جي ڏيتي ليتي تان سندس پنھنجي وڏي پٽ ۽ پوٽي گھٽا ڏئي ماريو آھي ھنن چيو ته جوابدار امتياز نوناري پنھجي پٽ وسيم نوناري سان گڏ پنھنجي پيرسن والد کي پنھنجي ئي گھر ۾ گھٽا ڏئي قتل ڪيو ھيو. ھنن چيو ته پنج ڏينھن گذري ويا آھن واقعي کي دٻايو ويو آھي ۽ اسان کي ڌمڪيون ڏئي حراسان ڪيو پيو وڃي. ھنن چيو ته سفاڪ جوابدار پنھنجي پٽ سان گڏ پيرسن والد کي قتل ڪري ان جو لاش بنا پوسٽ مارٽم جي دفنايو ويو آھي ھنن روئيندي دانھيو ته ھن واقعي جي شفاف جانچ ڪري پيرسن جي قتل ۾ ملوث پٽ ۽ پوٽي کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو. ٻئي طرف الزام ھيٺ آيل فوتي پيرسن جو پٽ عمران نوناري ، ڌي مسمات فوزيه نوناري ، ڀيڻ زينت نوناري ۽ ٻين احتجاج ڪندي دانهيون ته امتياز نوناري ۽ پوٽي وسيم نوناري مٿان لڳايل قتل وارا الزام غلط آھن. ھنن چيو ته پيرسن پيءُ بيمار رھندو ھيو ۽ ھو دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويو آھي. ان کي قتل ڪرڻ واري ڳالھ ۾ ڪا به صداقت نه آھي. ھنن الزام ھڻندي چيو ته فوتي پيرسن جو ڀاءُ ۽ ٻه ڀينرون ملڪيت ۽ پيسن جي ورھاست تان ان جي پٽ مٿان قتل جو الزام ھنيو آھي. فوتي جي قبر ڪشائي نه ڪئي وڃي ۽ اسين فوتي پيرسن جا وارث آھيون ان واقعي بابت ڪا به ڪاروائي ڪرائڻ نه ٿا چاھيون. ياد رهي ته ميھڙ پوليس پنج ڏينھن پھرين پنھنجي ابتدائي جاچ ۾ پيرسن کي طبعي موت پڻ قرار ڏنو ھو. ھوڏانھن ذريعن مان معلوم ٿيو آھي ته ڌرين جي احتجاج جون خبرون ھلڻ کان پوء راڄوڻي طور ٻنھي ڌرين ۾ ھلندڙ ڇڪتاڻ کي ختم ڪيو ويو آھي ۽ ڌرين جو راڄوڻي فيصلو ڪري پراسرار طور فوت ٿي ويل پيرسن واري واقعي بابت ڌرين جا خدشا پڻ ختم ڪرايا ويا آھن.