ميھڙ (ن پ ا) ميهڙ ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ واهن ۽ شاخن جي کاٽي نه ٿيڻ توڙي ٻوڏ دوران واھن شاخن کي ڏنل ڪٽ بند نه ڪرڻ خلاف آبادگار جدوجهد ڪاميٽي جي اڳواڻن ھارين آبادگارن ۽ ايس يو پي ضلعي دادو صدر سڪندر سوڍر ، حاجي خان مارفاڻي، مجيد سوڍر، حبيب حضوري ،غلام شبير منگي ۽ ٻين پاران ميهڙ باء پاس کان نيشنل پريس ڪلب ميهڙ تائين 3 ڪلو ميٽر پيادل مارچ ڪري احتجاجي ريلي ڪڍي ٽاور چوڪ وٽ ڌرڻو ھنيو ھنن شديد نعريبازي ڪندي چيو ته ڪڪول واهه ، رائيس ڪينال توڙي ٻين شاخن ۽ واھن کي کاٽي نه ڏني وئي آھي ٻوڏ دوران ڪڪول واهه، سم شاخ ۽ ڪيترن واھن کي ڪٽ ڏنا ويا ھئا جيڪي پڻ بند نه ٿي سگھيا آھن ل ۽ نه وري ھن وقت تائين زرعي پاڻي پھچايو ويو آھي جنهن سبب آبادگارن سخت پريشان بڻيل آھن ھنن چيو ته ٻوڏ دوران ساريالو فصل لڙھي ويو ھو ۽ ڪڻڪ جو فصل پڻ صحيح نه ٿي سگھيو جڏھن ته روينيو ۽ آبپاشي عملدارن جي نااھلي ۽ سستي سبب ھن سال به ساريالو فصل ٿيڻ مشڪل بڻجي ويو آھي ھنن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي ڪڪول واه سميت رائيس ڪينال ، شاخن ۽ واھن جي کاٽي ڪرائي غير قانوني ٿيل قبضو ختم ڪرائي ٻوڏ دوران ڏنل ڪٽ بند ڪري زرعي پاڻي پهچايو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو.