ميھڙ (ن پ ا) ميهڙ ۾ ٻوڏ متاثرن کي 3 سال گذرڻ باوجود گھرن جي رقم ملي ناھي سگھي ، متاثرن ايس يو پي جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. ٻوڏ متاثرن سڪندر سوڍر ، مجيد سوڍر ، امجد سولنگي ، فاروق خاصخيلي ، اسحاق سوڍر حبيب حضوري ، انور سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سنڌ بئنڪ اڳيان ميھڙ دادو روڊ تي ڌرڻو هڻي روڊ بند ڪيو، احتجاج ۾ عورتون ۾ شامل هيون ان موقعي تي اڳواڻن صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته سنڌ بئنڪ انتظاميا ۽ سماجي تتنظيم ٻوڏ متاثرن سان ظلم جي انتھا ڪري ڇڏي آھي 2022 واري ٻوڏ کي 3 سال گذري ويا آھن پر ان باوجود به ٻوڏ متاثرن کي گهرن لاءِ آيل رقم ملي نه سگھي آھي. ھنن چيو ته گهرن جي اڏاوت لاءِ آيل رقم مان غير قانوني ڪٽوتي ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته ڪيترن ئي حقدارن جا نالا سرڪاري لسٽن ۾ شامل ئي ناهن ڪيا ويا ھنن الزام ھڻندي چيو ته سماجي تنظيم، مقرر آفيسرن ۽ بينڪ انتظاميا سميت عملدارن مبينا طور تي رشوت ۽ اقربا پروري جي بنياد تي فنڊ جي ورهاست ڪري رهيا آهن، جنهن ڪري اصل مستحق ماڻهو پريشانين جو شڪار آهن ھنن مطالبو ڪيو آهي ته غير قانوني ڪٽوتيءَ جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي ، سڀني حقدارن جا نالا لسٽن ۾ شامل ڪيا وڃن، فنڊ جي ورهاست کي شفاف ۽ غير جانبدار بڻايو وڃي، ڪرپٽ عملدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. ھنن چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن مطالبا نه مڃيا ويا ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.