ميھڙ(ن پ ا) ميھڙ ۾ ٻوڏ متاثرين جي واھر نه ٿيڻ ۽ ٻوڏ متاثرين جي گھر ٺاھڻ واري آيل رقم مان مبينا طور ڪٽوتي ڪرڻ خلاف سنڌ يونائٽيڊ پارٽي پاران ۽ ٻوڏ متاثرين جو عورتن سميت سڪندر سوڍر، عبدالمجيد سوڍر ،حاجي خان مارفاڻي، اسحاق سوڍر، امجد سولنگي، زوھيب جتوئي، اسحاق سوڍر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مرحليوار ھلندڙ احتجاج سبب نائين ڏينھن به سماجي تنظيم  (ٿرديپ) آفيس اڳيان انوکو احتجاج جاري رکيو. مظاھرين نعريبازي ڪندي ٿرديپ انچارج ۽ عملي کي پٽون پاراتا ڏيندي نيشنل پريس ڪلب ميھڙ جي صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته ميھڙ اين جي اوز  (ٿرديپ) جي انچارج فواد شاھاڻي ۽ عملو پنھنجا ايجنٽ مقرر ڪري ٻوڏ متاثرين لاءِ آيل رقم مان غير قانوني ڪٽوتي ڪري رھيو آھي، ھنن چيو ته گھر ٺاھڻ لاءِ آيل رقم حاصل ڪرڻ لاءِ ٻوڏ متاثرين عورتن توڙي پيرسن کي به بئنڪن ۽ مختلف آفيسن جا چڪر ڪاٽي رھيا آھيون جن جي تذليل ڪئي وڃي پئي ھنن چيو ته نون ڏينھن کان سراپا احتجاج بڻيل آھيون پر ان باوجود به ڪير ٻڌڻ وارو ناھي ھنن گھر ڪئي ته ميھڙ جي ٻوڏ متاثرين جي واھر ڪري ٻوڏ متاثرين لاءِ آيل رقم مان ڪٽوتي بند ڪري ٿرديپ انچارج جي ڪرپشن جو نوٽيس وٺي ٻوڏ متاثرين جي واھر ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رھندو. ٻئي طرف رابطي تي سماجي تنظيم ٿرديپ جي انچارج فواد شاھاڻي ٻڌايو ته پئسا ڏيڻ بئنڪ جو ڪم آھي اسان صرف نيون ٺھيل جڳھون وزٽ ڪري ان ڪم جي رپورٽ موڪليندا آھيون اسان تي ڪٽوتي يا ڪرپشن جا الزام غلط آھن احتجاج ڪندڙ بنا جواز اسان تي الزام ھڻي رھيا آھن جانچ ٿيڻ گھرجي.