ميهڙ(ن پ ا) ميھڙ ڀرسان ڳوٺ حاجي واہ ۾ کوسا برادري جي ٻن ٻارڙن چاچو ۽ ڀائيٽيو وڙھڻ سبب 8 ورھين جو مٺل پٽ گدا حسين کوسو کي دماغ ۾ لٺ لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو جنھن کي اسپتال نيندين فوت ٿي ويو آھي فوتي ٻار جو لاش وارث رڪشا ۾ کڻائي تعلقي اسپتال ميھڙ آندو، جتي فوتي نينگر جي والد گدا حسين کوسو ٻڌايو ته منھنجو 10 ورھين جو ڀاء عبدالستار کوسو ۽ منھنجو 8 ورھين جو پٽ مٺل پاڻ ۾ وڙھي پيا، اچانڪ دماغ ۾ لٺ لڳڻ سبب ھي فوت ٿي ويو آھي اسين ڪا به ڪاروائي ڪرڻ نه ٿا چاھيون ھي اچانڪ معصوم ٻارڙا وڙھندي ھي واقعو پيش آيو آھي ميھڙ پوليس موجب تہ فوتي ٻار جي پوسٽ ڪرائي واقعي بابت وڌيڪ جاچ ڪري رھيا آھيون ۽ ٻڌايو پيو وڃي ته واقعو ٻارڙن جو پاڻ ۾ وڙھڻ سبب ھڪ ٻار فوت ٿيو آھي.