ميھڙ (ن پ ا) ميهڙ بار ايسوسيئيشن پاران ايس ايچ او اي سيڪشن ميھڙ اصغر شاهه جي زيادتين ميھڙ شھر ۾ وڌندڙ بدامني، شھرين سان ٿيندڙ ناجائزين خلاف سمورين عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪري ميهڙ ڪورٽ اندر احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، ان موقعي تي بار جي جنرل سيڪريٽريءَ وڪيل منور جتوئي، وڪيل عابد ڪلھوڙو ، وڪيل نجيب مھيسر ۽ ٻين چيو ته ايس ايچ اي سيڪشن اصغر شاه ميهڙ بار جي صدر وڪيل اصغر پتوجو سان بدتميزي ڪئي آهي ھو، جوابدار ڌر بجاءِ زخمي شھرين تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري شهرين کي تنگ ڪرڻ لڳو آهي ھنن الزام ھڻندي چيو ته ايس ايچ او ڏوھارين، منشيات فروشن جو ساٿاري آھي امن امان ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي ويو آھي ھو ڏوھارين خلاف ڪاروائي ڪرڻ بجاءِ انھن کي پناه ڏئي گرفتار ڪيل جوابدارن کان ڳري رشوت وٺي ڇڏي ڏئي ٿو، جيڪو سراسر ظلم آھي ھنن مطالبو ڪيو آھي ته ايس ايچ او اي سيڪشن ميھڙ اصغر شاهه کي ھٽائي ڏوھارين، منشيات فروشن خلاف ڪارروائي ڪري امن امان بحال ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.