ميهڙ(رپورٽ عبدالرحمٰن قمبراڻي )ميھڙ ۾ وياجين گهر اجاڙي ڇڏيا، ادارن نوٽيس نه ورتو. مليل معلومات موجب چند مھينن دوران 4 ڄڻن خودڪشيون ڪيو، جڏهن ته 15 کان وڌيڪ نوجوانن خودڪشيون ڪرڻ جون ڪوششون پڻ ڪيون. ميهڙ ميونسپل جو سينيٽري ورڪر عبدالحميد پٽ بخشل خان، رٽائرڊ پرائمري استاد محمد عثمان چنو، حسين چانڊيو وياجين کان تنگ ٿي خودڪشيون ڪيون. ميونسپل ملازم محب نائچ پاڻ مٿان پيٽرول ھاري باھ ڏئي، ڪوٺي کوکر جي رھواسي نوجوان نديم پٽ نواب چنا زھريلي دوا پي، ٿرڙي محبت جي نوجوانن ڪاشف علي، عارف حسين، اياز ڪالوني جي رھواسي توفيق خودڪشين جي ڪوشش ڪندڙن ۾  شامل آھن. 2 ڏينهن اڳ حيدرآباد ۾ مبينا ريل جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويل ميهڙ جي واپاري نوجوان راجيش شرما راءِ بابت به وياج ۾ ڦاٿل ھجڻ جو انڪشاف ٿيو هو. ڪيترائي ماڻهو وياجين کان تنگ شهر ڇڏي ويا، وياج ۾ ڦاٿل اڪثر ماڻهو وياجين  خلاف ڳالهائڻ کان لنوائيندا آهن. هاءِ ڪورٽ جي فيصلي باوجود لاڳاپيل ادارن عمل نه ڪرايو، وياج جي ڪاروبار ۾ ملوث ماڻهن خلاف به ڪا ڪارروائي نه ٿئي ٿي.وياج تي پئسا وٺندڙ جوا، ڪرڪيٽ راند تي بڪين ذريعي شرطون رکي قرضي ٿي وڃن ٿا. مليل معلومات موجب 10 کان وڌيڪ گروهه بڪي هلائي رهيا آهن جتان پوليس کي حصو پتي پڻ ملي رهيو آهي. ورلڊ ڪپ دوران پاڪستان ۽ نيوزلينڊ ، آسٽريليا ۽ افغانستان جي مئچن دوران ميھڙ ۾ ھڪ نوجوان (ب چ) ھڪ ڪروڙ ۽ ٻيو نوجوان 65 لک ھارائي چڪو آھي. وياج جي قرض ۾ ڦاٿل ماڻھو پنھنجيون نياڻيون وڪرو ڪري رھيا آھن. وياجين ماڻھن کي ڦاسائڻ لاءِ روڪ رقم ڏين ٿا . موٽر سائيڪلون، ڪارون، ٽريڪٽر، ڀاڻ ، ڪٽي وغيره ٻيڻي رقم تي وياج طور پڻ ڏين ٿا . وياج بابت قانون اچڻ ۽ سرڪار پاران امڪاني ڪارروائي کان بچڻ لاءِ وياجي روڪ رقم ڏيڻ بجاءِ ڪنھن شئي جي ايگريمينٽ ڪري متاثر ڌر کان چيڪ، گھر، يا دڪان جي ضمانت وٺي لکرائي وٺن ٿا. ان سلسلي ۾ رائيس ملز ايسوسيئشن جي صدر نياز ٻرڙو چيو ته وياج جي ڪاروبار ۽ بڪي پوليس جي سرپرستي هيٺ هلي رهيا آهن. ميهڙ بار جي صدر نجيب مهيسر چيو ته قانون موجود آهي پر بااثرن کي سياسي ڌرين توڙي چونڊيل نمائندن جي آشيرواد هجڻ سبب انهن خلاف ڪاروائي نه پئي ٿئي. ميهڙ بار جي اڳوڻي جنرل سيڪريٽري نامياري وڪيل سعيد پنهور چيو ته ميهڙ ۾ وياج جو ڪاروبار ۽ بڪي راند سبب ماڻهو تباهه ٿي رهيا آهن. عوامي جمهوري پارٽي جي اڳواڻ وڪيل ساجد چانڊيو چيو ته وياج خورن پٺيان مقامي ڀوتار ۽ انتظاميا جا ھٿ آهن. سول سوسائٽي ۽ جاڳرتا فورم جي اڳواڻن ماجد علي ، عادل حسين ، وڪيل رضوان حيدر ۽ ٻين گهر ڪئي آهي ته وياجين خلاف ڪاروائي ڪري بئنڪن ۾ وياج جي شرح گهٽ ڪري بئنڪن ۾ قرض جو طريقي ڪار آسان ڪيو وڃي ته جيئن ماڻهو وياجين کان بچي سگهن. ڊي ايس پي ميهڙ شمس الدين ڀيو جو چوڻ هو ته وياج خلاف قانون ته آهي پر ماڻهو وياجين خلاف دانهين نه ٿا ٿين جنهن سبب اسان ڪاروائي نه ٿا ڪري سگھون اهو رضاڪارانه سودو آهي ڪو به ماڻهو ڪنھن جي خلاف ٿاڻي تي دانھي ٿيندو ته کيس ڪاروائي ڪئي ويندي.