ميهڙ(ن پ ا) ميهڙ ڀرسان ڳوٺ سائينداد  گوگاڻي ۾ گهريلو اڻبڻت سبب 18 ورھين جو نوجوان عرفان کوسو پاڻ مٿان پسٽل جا فائر ڪري خودڪشي جي ڪوشش ڪئي نوجوان کي زخمي حالت ۾ تعلقه اسپتال ميهڙ آندو ويو. جتي ڊاڪٽرن جي لاپرواھي سبب نوجوان زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو. فوتي نوجوان جي سئوٽ شاھد کوسو ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته نوجوان کي زخمي حالت ۾ اسپتال پھچايو ته ڊاڪٽرن لاپرواھي ڏيکاريندي بروقت نوجوان جي وھندڙ رت بند نه ڪئي، جنھن سبب نوجوان زخمن جا سور سھندي فوت ٿي ويو آھي. نوجوان 4 مهينا اڳ شادي ڪئي هئي. جئين گھر پھتو ته پاڻ مٿان پسٽل جا فائر ڪري خودڪشي ڪئي. ميهڙ جي بي سيڪشن پوليس موجب نوجوان جا وارث خودڪشي جو ڪارڻ نه ٿا ٻڌائن اسين نوجوان جي خودڪشي واري واقعي جي جاچ ڪري رھيا آھيون. ھوڏانھن وارث ڊاڪٽرن جي غفلت جو جواز جاڻائي نوجوان جو لاش بنا پوسٽ مارٽم جي گھر کڻائي ويا. لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو.